لاڙڪاڻو( رپورٽ: نعمت مغيري/ساجد تنيو) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جو رهواسي 18 سالنجو پورهيت نوجوان احمد علي پٽ عاشق علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي خلاف وارثن مقتول جو لاش ايمبولينس ۾ رکي ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو جتي هنن روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي بدامني خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته اسان جو نوجوان اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ٽائرن جو دڪان هلائيندو آهي جيڪو بئنڪ اسڪوائر جي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي واپس گهر اچي رهيو هو ته ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ هٿياربندن ان کان موٽر ڦر ڪري مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر سان گڏجي مقتول نوجوان جي گهر پهچي وارثن سان ملاقات ڪري مقتول جي وارثن کي آٿت ڏيندي ساڻن سان همدري جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو چيو ته واقعي تي افسوس ٿيو آهي، قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، امن ڪرائي شهرين کي تحفظ ڏيڻ پ پ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. واقعي بابت جميعت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري مولانا محبت کهڙو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته لاڙڪاڻو شهر هن وقت بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه ٿا کنيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڏوهارين جي راڄ سبب شهرين ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ وڌي ويو.
-
لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ بدامني آهي:ناصر محمود سومرو
لاڙڪاڻو( ن ع آ ) جميعت علماء اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته لاڙڪاڻو شهر هن وقت بدامني جي باھ ۾ ٻري رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه ٿا کنيا وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڏوهارين جي راڄ سبب شهرين ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ وڌي ويو، لاڙڪاڻي ۾ هٿياربند ڳڀرو نوجوان احمد علي ڀٽي کي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد نوجوان جي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا آهن، هي افسوسناڪ واقعو ڏينهن ڏٺي جو شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ پيش اچڻ سبب شهرين وچ ۾ خوف ۽ دهشت واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي شهر سميت سموري سنڌ ۾ ڏوهارين کي کليل طور لائسنس ملي ويو آهي، روزانو ڦر، ڌاڙا، قتل ۽ لٽ مار جون وارداتون عام ٿي ويون آهن، پر پوليس رڳو تماشائي بڻيل آهي،
-
احمد علي ڀٽي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته احتجاج ڪيو ويندو:دودو ديشي
لاڙڪاڻو(پ ر)جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جسقپ جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ دودوديشي، عبدالستار ڀٽي، هيمون ڀٽي، شيبر جمالي لاڙڪاڻي شھر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان علي احمد ڀٽي جي شھادت واري واقعي تي شديد غم ۽ غصي جو اظھار ڪيو آھي دودوديشي شھيد نوجوان جي والد عاشق علي ڀٽي سميت سڀني وارثن سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪندي چيو تہ ھن ڏک جي گھڙي ۾ سنڌ قومپرست پارٽي اوھان سان جوابدارن کي ڪيفر ڪردار ۽ منطقي انجام تي پھچائڻ تائين گڏ ھوندي،هن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آھي تہ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي في الفور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو