نيويارڪ/اسلام آباد(شهباز گل+امتياز گل)95 ڏينهن کانپوءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير رٽائر ٿيڻ وارو آهي،29 نومبر هن جي رٽائرمينٽ جي تاريخ آهي،حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 5 سالن لاءِ آهي،ان لاءِ 2024ع ۾ قانون سازي ٿي چڪي آهي،عمر جو ان سان ڪو تعلق نه هوندو،آرمي ايڪٽ،نيوي ايڪٽ ۽ ايئر فورس ايڪٽ ۾ پارليامينٽ ترميم ڪري ڇڏي آهي،حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جو ملازمت مدو 2027ع تائين آهي،پر مسئلو اهو آهي ته نومبر 2024ع ۾ جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو اهو ٽن سالن لاءِ هو پر پارليامينٽ ۾ ٿيل قانون سازي جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن گهربل آهي معافي وارو معاملو به نازڪ صورتحال ۾ داخل ٿي چڪو آهي،اينڪر منيب فاروق دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان معافي نه ورتي ته هن جو حشر نشر ٿي ويندو،فيصل واوڊا به ان تي تڙڪو هنيو پوءِ بال صحافي انصار عباسي جي هٿ ۾ آيو،بال سهيل وڙائچ جي پيرن ۾ هيٺ اچي ويو ۽ هن گول پنهنجي ئي خلاف ڪري ڇڏيو،انصار عباسي وري بيان ڏنو آهي ته عمران خان جي مشڪلات ۾ گهٽتائي معافي گهرڻ کان بغير به ممڪن آهي،خان صاحب کي رڳو پنهنجي حڪمت عملي بدلائڻي پوندي،فوج خلاف نه پاڻ ڪو بيان ڏئي ۽ نه ئي پنهنجي ڪنهن ڀڳوڙي کي يا سوشل ميڊيا کي ايئن ڪرڻ ڏئي،مون کي يقين آهي ته ان سان خان صاحب ۽ تحريڪ انصاف جي مشڪلات گهٽ ٿيندي،هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته هڪ اڌ مثالن کي ڇڏي سياستدانن خلاف ڪيس ختم ئي ٿي ويندا آهن