رالپنڊي (م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ايراني هم منصب ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن سرحدن جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي خاتميلاءِ عزم جو اظهار ڪيو، پاڪستان ۽ ايران اڳ ۾ به اتفاق ڪيو هو تهسرحدي علائقن ۾ امن ۽ خوشحالي جو دارومدار دهشتگردي جي اثرائتي روڪٿام تي آهي، پاڪ-ايران 900 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد تي سالن کان*ڪالعدم گروپن جهڙوڪ جندالله ۽ بلوچستان لبريشن آرمي طرفان سيڪيورٽي خطرا موجود آهن، جن سبب لاڳاپن ۾ وقفي وقفي سان تڪرار به رهيو آهي، ايراني سفارتخاني جي بيان موجب، ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت سرحدي سلامتي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي به زور ڏنو.