ڪراچي/حيدرآباد (نمائندا) ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن ۽ رات به تيز برسات جي وسڪاري شهرين جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا، مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب ٽن ڏينهن کان پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته حادثن ۾ 20 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي واپاري شهر ڪراچي کي تيز برساتن مفلوج ڪري ڇڏيو، جنهن سبب شهر جون مختلف مارڪيٽون مڪمل طور تي بند رهيون ۽ ڪاروباري سرگرميون ٺپ ٿي ويون، ڪالهه ۽ رات دير تائين ڪراچي جي سرجاڻي، نارٿ ڪراچي، شاهه فيصل، ملير ڪينٽ، گلشن حديد ۽ انڊسٽريل ايريا سميت مختلف علائقن ۾ شديد برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، شارع فيصل، يونيورسٽي روڊ ۽ شارع پاڪستان سميت ڪيترين ئي شاهراهن تي ٽن ڏينهن کان پاڻي بيٺل آهي، شاهه فيصل ٿاڻي جي علائقي ۾ ڪيترن ئي فوٽن تائين پاڻي جمع ٿي ويو، جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ، ڀتيون ڪرڻ ۽ نالن ۾ ٻڏڻ سبب ٻه ڀائرن سميت 20 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل رهي، ٻي پاسي شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي انفراسٽرڪچر جا پول کولي ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ شاهراهن جو حال تلاءُ جهڙو ٿي ويو، گٽر اٿلي پيا آهن، شهر جا انٽرپاس مڪمل طور تي ٻڏي ويا آهن، روڊن تي بيٺل پاڻي ۾ ڪيترن ئي شهرين جون گاڏيون خراب ٿي ويون، جڏهن ته نوان ٺهيل ڪيترائي نوان روڊ ويهجي ويا آهن، کڏا پوڻ ڪري شهرين کي شديد مشڪلات پيش آيون، برساتن سبب روزمرهه زندگي درهم برهم ٿي وئي، جڏهن ته ڪاروبار جي بندش سبب صرف ٽن ڏينهن ۾ واپارين کي اربين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، واپارين موجب ٽن ڏينهن ۾ کين گڏيل طور تي 10 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، لياقت آباد، حيدري، پاپوش نگر، ايمپريس مارڪيٽ، طارق روڊ، جوڙيا بازار، بولٽن مارڪيٽ، جامع ڪلاٿ، لائيٽ هائوس، ميڊيسن مارڪيٽ، موٽن داس، موبائل ۽ اليڪٽرانڪس مارڪيٽس سميت ڪيترائي ڪاروباري مرڪز ٽن ڏينهن تائين مڪمل يا جزوي طور بند رهيا، واپارين موجب برساتي پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب لکين رپين جو سامان خراب ٿي ويو، جڏهن ته بجلي جي بندش به مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو، ڪراچي جا ڪيترائي علائقا 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي کان محروم آهن، ملير جا رهواسي 36 ڪلاڪن کان بجلي جا منتظر آهن، نارٿ ناظم آباد، سرجاڻ ۽ حيدري ۾ 24 ڪلاڪ کان بجلي غائب آهي، جڏهن ته سعود آباد، نانڪ واڙه، يوسف گوٺ ۽ شانتي نگر ۾ 28 ڪلاڪ کان بجلي بند آهي، ان کان سواءِ گلستان جوهر، اسڪيم 33 ۽ خدا جي بستي ۾ به 36 ڪلاڪ کان بجلي معطل آهي، جنهن سبب شهرين کي ذهني تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جا 100 کان وڌيڪ فيڊر اڃا تائين بند پيا آهن، ٻي پاسي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ برسات وسائيندڙ سسٽم موجود آهي، جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندو، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ويجهن علائقن ۾ برسات جو زور وڌيڪ آهي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 24 کان 28 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي، تيز برسات سبب ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ واري صورتحال آهي، جنهن ڪري بجلي جي فراهمي به بند ٿي سگهي ٿي، حيدرآباد ۾ به شهري ٻوڏ جو خطرو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي سگهي ٿيو، ڪٽ هڻڻ جي به تياري ڪن، ٻنهي شهرن جا شهري غير ضروري سفر ۽ بجلي جي ٿنڀن کان پري رهن، هوڏانهن راڄو خاناڻي جي نمائندي امداد علي نظاماڻي موجب ٻڍو قمبراڻي پوليس جي حد ۾ ڳوٺ نبي بخش آرائين ۾ جهنگ ۾ مال چاريندڙ پورهيتن مٿان کنوڻ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ فقيرو بجاڻو، هريش پٽ کمون ڀيل ۽ ڌنيش پٽ رامسن ڪولهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته مٺو ڀيل زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي آندو ويو جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي، هڪ ئي وقت ٽي لاش کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو.