سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي 23 کان 27 آگسٽ دوران ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 22 آگسٽ کان چوماسي هوائون شدت سان مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿينديون، اهي هوائون عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان داخل ٿينديون.
موسميات کاتي موجب 23 کان 25 آگسٽ دوران ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، دادو، جيڪب آباد، ڄامشوري ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 23 کان 25 آگسٽ دوران ڀڪر، ليه، مظفر ڳڙهه، ڊي جي خان، راجن پور، رحيم يار خان ۾ به مينهن جو امڪان آهي.
23 کان 27 آگسٽ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، فيصل آباد، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي 23 کان 26 آگسٽ دوران پشاور، چارسدا، نوشهرا، مردان، ڪوهاٽ، بنون، لڪي مروت، ڊي آءِ خان، باجوڙ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
23 کان 26 آگسٽ دوارن گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
23 کان 25 آگسٽ دوران ڪوئيٽا، زوب، شيراني، بارکان، خضدار، قلعي عبدالله، قلعي سيف الله، پنجگور ۽ ڪيچ ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، پشاور، نوشهرا، مردان، ايبٽ آباد، مانسهرا، دير، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ فليش فلڊنگ جو خدشو آهي.
برسات سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.