حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته:سنڌ سنڌين جو هزارين سالن کان مادر وطن آهي، جنهن سان سنڌين جو روحاني، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپو آهي. سنڌ جو هر فرد پنهنجي ڌرتيءَ جي دنگن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي. هن وقت ڪجهه سازشي سياستدان، منافعي خور سرمائيدار، رٽائرڊ بيوروڪريسي ۽ اعليٰ عملدار ملڪ جي وحدت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ۽ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جا ڪوڙا افواهه ڇڏي پنهنجا ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ڊاڪٽر قادر مگسي مطالبو ڪيو ته ملڪ جي سلامتي خلاف اهڙين سازشن جو فوري نوٽيس آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف وٺن ۽ اهڙن عنصرن کي بي نقاب ڪري کين روڪيو وڃي. هن چيو ته اهڙيون ئي ساڳيون سازشون ماضي ۾ ٿيون هيون، جن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽيو ۽ بنگلاديش وجود ۾ آيو. سنڌ جي عوام واضع طور چوي ٿو ته جيڪڏهن نسلي يا سياسي بنيادن تي ڪو به نئون صوبو يا انتظامي يونٽ ٺاهيو ويو ته سنڌ جو عوام سخت احتجاج ڪندو هن چيو ته ملڪ جي حقيقي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀني صوبن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن، ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ جو وڏو ڪارڻ ڪرپشن آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت ترين قدم کنيا وڃن، ڪرپشن ڪندڙ بيوروڪريسي ۽ سياستدانن جي ملڪيتن جي جاچ ڪري سخت احتساب ڪيو وڃي. ڪرپشن ڪندڙن لاءِ عمر قيد يا موت جون سزائون مقرر ٿيڻ گهرجن.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ کي ترقي طرف وٺي وڃڻ لاءِ منشيات فروش، لينڊ مافيا، ٽيڪس چور ۽ منافع خور سرمائيدارن خلاف سخت ايڪشن وٺڻ ضروري آهي.