لساني سياست گهٽجڻ بدران وڌي ويندي، 32 صوبا وسيلن تي وڙهندا؟

لاهور (سعيد چوڌري) ملڪ ۾ 32 صوبا ٺاهڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ماڻهن جي ذهن سازي لاءِ مهم هلائي پئي وڃي. صحافي ڪامران خان ان تي پروگرام ڪيو آهي. هن چيو ته اها سوچ آرمي  چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي آهي. ان حوالي سان ريفرنڊم ڪرايو وڃي، اهو اڳتي وڃي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي. ورڪنگ پيپر ميان عامر محمود تيار ڪيو آهي. جنهن حوالي سان ذهن سازي ڪئي پئي وڃي ان موجب 12 صوبا ٺاهڻا آهن. ان لاءِ مختلف صحافين کي مواد ڏنو ويو آهي. مواد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو تاريخي فيصلو آهي جنهن سان نسلي ۽ لساني بنيادن تي صوبائي سياست ڪمزور ٿيندي ۽ وفاق ڪمزور ٿيندو. منصوبي ۾ شهري سنڌ ۽ ٻهراڙي سنڌ ٻڌايو ويو آهي، ان سان ته لساني بنيادن تي سياست ۾ گهٽتائي بدران واڌ ٿيندي. عجيب قسم جا دليل ڏنا ويا آهن، جوڳا دليل ڪنهن وٽ ناهن. چيو پيو وڃي ته ان سان شهري عوام خوش آهي، پر ڇا اوهان ڪنهن کان پڇيو آهي؟ ڪا سروي ڪرائي آهي؟ رڳو تاثر ڏنو پيو وڃي. صحافين کي اها پروپيگينڊا ڪرڻ لاءِ ٻڌائي وئي آهي. ميان عامر محمود جي ورڪنگ پيپر ۾ 32 ضلعن جي ڳالهه آهي جنهن تي ڪامران خان پروگرام ڪيو آهي. هن دليل ڏنو ته 25 ڪروڙ عوام جو بار 4 صوبا کڻي سگهن ٿا؟ اهو ڪهڙو دليل آهي؟ انتظامي يونٽ ٺاهڻا آهن ته مقامي حڪومتن کي خودمختيار ڪريو. 32 صوبا ٺاهڻ ۾ وڏا مسئلا پيش ايندا، وڏيون رنڊڪون آهن. منصوبي ۾ آمريڪا ۽ ڀارت جو مثال ڏنو پيو وڃي، پر انهن جي حدن ۾ ڪڏهن ترميم ناهي ٿي. آمريڪا ۾ اهڙيون رياستون آهن جيڪي ايراضي ۾ پاڪستان کان ٻيڻيون آهن. اوهان آمريڪا جو مثال ڪيئن ڏئي سگهو ٿا؟ پنجاب ته ڇڏيو پر ٻيا صوبا وڏا حساس آهن، بلوچستان ۾ اڳ ئي باهه ڀڙڪيل آهي، ڪي پي وارا ٻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڪنهن صورت ڪراچي سنڌ ۽ ٻهراڙي سنڌ ٺاهڻ نه ڏيندي. اوهان ته لساني سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهيو، صوبا ڌار هوندا ته وسيلن تي 32 صوبا پاڻ ۾ وڙهندا. سياسي پارٽيون ائين نه چاهينديون، اهو ڏکيو ڪم آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 22 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.