اسلام آباد (عاصما شيرازي) سپريم ڪورٽ عمران خان کي 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت ضمانت منظور ڪندي چيو آهي ته سموري معاملي کي ٽرائل ڪورٽ ۾ واپس موڪليو وڃي. يعنيٰ ڪيس هاڻي ٻيهر ٽرائل ڪورٽ موڪليا ويندا. پي ٽي آءِ اهو بيانيو ته ٺاهي رهي آهي ته عمران خان خلاف ڪي ثبوت نه هئا پر مڪمل طور تي اهو درست ناهي. ٻڌڻي ۾ ميرٽ تي بحث نه ٿيو هو. ان جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان الزامن کان بري ٿي ويو آهي. عمران خان جي پوليگرافڪ ٽيڪس سميت ٻيون ٽيسٽون به ٿيڻيون آهن ۽ جاچ ٿيڻي آهي. 190 ملين پائونڊ ۾ عمران خان جي گرفتاري آهي جنهن تي اڃا تائين ڪا ضمانت ناهي ٿي، سندس آزادي هن وقت ممڪن ناهي. عمران خان جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، لڳي ٿو ته ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ حصو وٺي، اهو سٺو فيصلو هوندو. عمران خان محمود خان اچڪزئي کي مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪيو آهي. سهيل وڙائچ جي مضمون کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر وضاحت ڏني آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 مئي جي ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو. اهو فوج جو ڪيس ناهي قوم جو ڪيس آهي، ذميوارن کي جوابده هجڻ گهرجي. هن چيو ته فيلڊ مارشل ڪنهن کي انٽرويو ناهي ڏنو، ڳالهين کي انٽرويو ڄاڻائي ذاتي مقصدن جي طور تي پيش ڪيو ويو، ان دوران ڪي سياسي ڳالهيون نه ٿيون ۽ ڪنهن معافي جو ذڪر نه ٿيو. يعنيٰ جيڪا شيطان واري ڳالهه آرمي چيف خطاب ۾ چئي هئي ان کي ٻئي انٽرويو سان ڳنڍڻ درست نه هو، ان تي ڊي جي آءِ ايس پي آر کي وضاحت ڏيڻي پئي. اها پريس ڪانفرنس اهم رکي ٿي جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته ذميوارن کي جوابده هجڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا کي سمجهڻ گهرجي ته غير ذميوار جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي. 9 مئي جي ڪيسن ۾ جوابدارن کي وائکو ڪرڻ ضروري هوندو. رياست ان حوالي سان ڏکيائي ۾ آهي، جيڪڏهن درگزر کان ڪم وٺي ٿي ۽ چوي ٿي ته معافي ملندي ۽ عدالتن مان سزا نه ملندي ته دنيا ۾ ڪٿي ائين ناهي ٿيندو. قانون موجب سزا ضرور ملڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکيو آهي ته اها پوئتي هٽي، عمران خان لاءِ به ڏکيائي آهي ته ان تي بيهندو ته کيس سزا ڀوڳڻي پوندي، معافي گهري ٿو ته سياست ختم ٿي ويندي ۽ ڏوهه جي قبوليت ٿي ويندي. امڪان اهو آهي ته في الحال معاملو ڊيڊلاڪ جو شڪار رهندو. ٻئي پاسي سهيل وڙائچ به ڏکيائي ۾ آهي، سندس انٽرويو ٿيو آهي يا ناهي ٿيو، اهو به کيس ٻڌائڻو آهي.