نوَ مئي ڪيس: پوليس عليمه خان جي ٻئي پٽ کي به گرفتار ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي ٻئي پٽ کي به 9 مئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي انويسٽيگيشن جو چوڻ آهي ته عليمه خان جي پٽ شير شاهه کي 9 مئي وارن ڪيسن ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
ان حوالي سان خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته شير شاهه کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو پيءُ سان گڏ عدالت مان واپس اچي رهيو هو.
خانداني ذريعن موجب، جن ماڻهن شير شاهه کي گرفتار ڪيو، اهي ساڳيا هئا جن ڪالهه عليمه خان جي وڏي پٽ شاهه ريز کي پڪڙيو هو، جڏهن ته ان موقعي تي پوليس پڻ موجود هئي.
واضح رهي ته ان کان اڳ گذريل ڏينهن عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ عليمه خان جي وڏي پٽ شاهه ريز خان کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.