موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفت سان گڏ انسانن جي پيدا ڪيل مصيبت تباهي ۾ وڌارو ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازي فليش فلڊنگ سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفت سان گڏ انسانن جي پيدا ڪيل مصيبت تباهي ۾ واڌارو ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب حياتي وڃائيندڙن جي ايثال ثواب ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري وئي.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن اڳ اسان بونير وياسين، اتي ٻوڏ سبب تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، چيئرمين اين ڊي ايم اي متاثر علائقن ڏانهن امدادي سامان موڪليو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج به امدادي ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، سپهه سالار به مون سان گڏ هيو ۽ هو امدادي ڪمن کي ليڊ ڪري رهيو آهي، فوج ڏکين علائقن تائين پهچي ماڻهن کي ٻوڏ مان ڪڍيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 2022 ۾ به سخت آفت آئي هئي جنهن جو نشانو سنڌ ۽ بلوچستان هئا، سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي ٿي هئي ۽ 100 ماڻهو فوت ٿيا هئا، هن ڀيري 700 جانيون ضايع ٿيون آهن، خيبر پختونخوا ۾ تمام گهڻيون فوتگيون ٿيون.
هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ذميواري وڌي وئي آهي، سستي جي ڪا به گنجائش ناهي، ادارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، 3 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ سخت برسات ٿي هئي، جنهن تي مون سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو سان افسوس جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفت سان گڏ انسانن جي پيدا ڪيل مصيبت تباهي ۾ واڌارو ڪيو آهي، گليات اهڙن علائقن ۾ شامل هو جتي جتي هڪ به وڻ وڍي نه سگهندو هو، پر اتي وڻن جي وڏي واڍي ٿي آهي، اڄ گليات وڃو ته دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي.
هن چيو ته گليات ۾ وڻ ڪٽي پاڻيءَ جي رستن تي هوٽل ۽ گهر ٺاهي تباهي کي دعوت ڏني وئي، 2022 ۾ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڪيئن گليات ۾ وڻ وڍي غيرقانوني اڏاوتون ڪيون ويون.
وزيراعظم چيو ته هڪ گڏجاڻي گ هرائي ڳالهائيندس ته اسان کي قيامت جهڙي خوبصورتي کپي يا ماڻهن جون زندگيون بچائڻيون آهن، اِها اسان جي گڏيل ذميواري آهي جنهن کي نڀائڻو آهي، آخر ڪيستائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هن نقصان جو معاوضو ڏينديون رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.