آمريڪا جو انسان دوست جج فرينڪ ڪيپريو لاڏاڻو ڪري ويو

واشنٽگن(م ڊ)آمريڪا جو انسان دوست جج فرينڪ ڪيپريو 89 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويوامريڪا جو مشهور ۽ رحمدل جج فرينڪ ڪيپريو 89 ورهين جي عمر ۾ لبلبي جي ڪينسر سان ڊگهي جهيڙي کان پوءِ دنيا مان هليو ويو۔ سندس خاندان موجب، هو پنهنجي پيارن جي وچ ۾ پرامن نموني سان لاڏاڻو ڪري ويو۔جج ڪيپريو پنهنجي نرم دلي، رحم ۽ انسان دوست روين سبب نه رڳو آمريڪا پر پوري دنيا ۾ سڃاتو ويندو هو۔ عدالت ۾ ڪيل سندس فيصلا سوشل ميڊيا تي لکين ڀيرا وائرل ٿيا، جتي هو مجرمن جي حالتن ۽ احساسن کي سمجهي اهڙو انصاف ڪندو هو، جيڪو قانوني هجڻ سان گڏ اخلاقي پهلو به اجاگر ڪندو هو۔ ان ئي سبب کيس ”دنيا جو سڀ کان رحمدل جج“ جو لقب مليو۔سندس سڀ کان وڏي شهرت جو ذريعو ٽي وي شو "Caught in Providence” هو، جيڪو  2000ع ۾ شروع ٿيو ۽ چار ڀيرا ڊے ٽائيم ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيو۔ عدالت ۾ سندس انداز قانون سان گڏ همدردي ۽ نرمي تي ٻڌل هوندو هو۔ هو اڪثر چوندو هو: "ڪڏهن ڪڏهن توهان صرف ڪنهن جي ڪلهي تي هٿ رکي، اهو چئي ڪري ته ‘مان توتي يقين ٿو رکان’، ڪنهن جي زندگي بدلائي سگهو ٿا.”فرينڪ ڪيپريو تقريباً 50 سال اڳ روڊ آئلينڊ جي پروويڊنس ۾ جج طور ذميواريون نڀائڻ شروع ڪيون۔ ان کان اڳ هو آمريڪي حڪومت پڙهائيندو هو ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1985ع ۾ پروويڊنس مونسپل ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جتي هو 2023ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو۔ڊسمبر 2023 ۾ هڪ ويڊيو پيغام ذريعي هن ٻڌايو هو ته کيس لبلبي جو ڪينسر آهي، ۽ مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي هئي۔ . مئي 2024 ۾ هن پنهنجي آخري ريڊيئيشن مڪمل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو هو، پر ڪجهه مهينن بعد وري طبي مسئلن سبب اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو۔جج ڪيپريو کي هڪ قابل جج سان گڏ هڪ شفيق مڙس، پيار ڪندڙ پيءُ، ڏاڏو، پرڏاڏو ۽ بهترين دوست طور ياد ڪيو پيو وڃي۔ سندس زندگي ۽ فيصلا ماڻهن لاءِ همدردي، معافي ۽ نرمي جو درس رهيا۔سندس لاڏاڻي تي دنيا ڀر مان مداح ۽ پيروڪار کيس خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن ۽ اپيل ڪري رهيا آهن ته سندس نقشِ قدم تي هلندي معاشري ۾ وڌيڪ محبت، نرمي ۽ انسانيت کي هٿي ڏني وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.