ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 32 ماڻهو زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. تفصيل موجب پريڊي ٿاڻي جي حد ڪراچي جي مصروف ڪاروباري علائقي صدر ايم اي جناح روڊ تي ڪيپري سينيما سامھون تاج ڪمپليڪس ويجهو ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن کان پوءِ باهه لڳي وئي. ڌماڪي ۽ باهه جي نتيجي ۾ 34 ماڻهو زخمي ٿيا. گودام ۾ ڌماڪي سان عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، ڪارن ۽ رڪشائن کي پڻ نقصان پهتو. ڌماڪي سان آس پاس جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ باهه لڳي وئي. ڌماڪي کان پوءِ ڪارا دونھي جا ڪڪر پکڙجي ويا ۽ ڦٽاڪن جي گودام ۾ باهه لڳي وئي. ڌماڪي کان پوءِ عمارت جي چوڌاري دونھون پکڙجي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي واقعي واري جاء تي پوليس ۽ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪار ۽ ريسڪيو ٽيمون فائر بريگيڊ جون گاڏيون پھچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون ڪندي زخمين کي ٻاھر ڪڍي 13 زخمين سي ايڇ ڪي اسپتال منتقل ڪيو. جن زخمين جي سڄاڻپ وسيم ولد جمع خان، نويد احمد ولد عزيز الرحمن، آفسر شاھ ولد وڪيل شاھ، خوشي محمد ولد قيوم، ريحان ولد عاقب، شاھ مير ولد شھزاد، محمد حسين ولد شير صمد ، جاويد ولد مقبول، فاروق ولد اشرف، محمد اقبال ولد نمعت الله ، محمد رفيق ولد امير بخش، مجتبي ولد رفيق، ايم زڪريا ولد نور محمد، جڏهن ته 16 زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ ويجي ولد ڪانومل، فدا حسين ولد سلطان، ارشد حسين ولد اشرف، عدنان ولد حامد، دين محمد ولد حشر، يقديش ڪمار ولد بھار چن، ايوب ولد عثمان، عابد ولد محمد سلمان ، حنيف ولد عثمان، سعيد ولد فريد احمد، محمد سليم ولد حسين، ڪاشف ولد منظور، عمار ولد ذوالفقار، حامد ولد معيز، نزاڪت ولد حسين ۽ عارف ولد محمد ھارون شامل آهن چيف فائر آفيسر محمد همايون خان جو چوڻ آهي ته باهه تي 70 کان 80 سيڪڙو تائين ضابطو آندو ويو آهي. ايس ايس پي سائوٿ جو چوڻ آهي ته 22 مان 8 ماڻهو سڙي وڃڻ سبب سخت زخمي ٿيا آهن. 12 کان وڌيڪ فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائي، ايس ايس پي سائوٿ مهزور علي موجب هي آتشبازي جي دڪان ڪافي عرصي کان اتي هئي. عمارتن جا شيشا ٽٽڻ سبب ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته 13 زخمين کي جناح اسپتال ۽ 7 کي سول اسپتال آندو ويو آهي. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو ته آبادي ۾ اهڙي مواد جي تياري جي اجازت ناهي. باهه تي ضابطو آڻڻ کان پوءِ مون کي ٻڌايو. سنڌ پوليس جي ترجمان چيو ته ايس ايس يو ڪمانڊوز پڻ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ ڇت تي ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ طور تي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. ريسڪيو عملدارن موجب آتشبازي جي گودام ۾ ڌماڪي کان پوءِ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. گودام ۾ باهه وسائڻ ۾ 10 فائر ٽينڊر حصو ورتو. پوليس سرجن ڊاڪٽر ساميعا طارق موجب آتشبازي جي گودام ۾ ڌماڪي ۾ 30 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي جناح اسپتال ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جناح اسپتال ۾ 4 زخمين جي حالت نازڪ آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب ڌماڪي سان ويجهن گاڏين کي سخت نقصان پهتو جڏهن ته آس پاس جي عمارتن جون دريون ٽٽي ويون. عمارت ۾ طبي سامان جي دڪانن ۾ آڪسيجن سلينڊر پڻ هئا، جن کي هٽايو ويو.
-
گودام ۾ 50 ڪلو کان وڌيڪ بارودي مواد هو: سي ٽي ڊي انچارج
ڪراچي: سي ٽي ڊي جي انچارج راجه عمر خطاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪيترين ئي خطرناڪ شين کي ننڍن لفظن ۾ لڪائي پيش ڪيو ويندو آهي. ظاهر ۾ اها آتشبازي جو سامان هوندو آهي، پر حقيقت ۾ ان ۾ بارودي مواد شامل هوندو آهي. اڳ ۾ به هتان کان لڳ ڀڳ ٻه ٽن ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو هو، قانون موجب هڪ دڪان ۾ 50 ڪلو کان وڌيڪ اهڙو مواد رکڻ جي اجازت ناهي ۽ ان لاءِ باقاعده ايس او پيز موجود آهن. اهڙو سامان هميشه آبادي ۽ پيٽرول پمپ کان پري رکيو ويندو آهي، جڏهن ته ان لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ لاڳاپيل اختيارين کان لائسنس جاري ٿيندو آهي. هن وضاحت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڦٽاڪا ٻاهران به امپورٽ ٿين ٿا ۽ مقامي طور تي به تيار ڪيا ويندا آهن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ لائسنس يافته ماڻهو انهن کي ٺاهيندا آهن، پر سنڌ ۾ ڦٽاڪا ٺاهڻ لاءِ ڪو وڏو ڪارخانو ناهي.
-
گودام مالڪ وٽ لائسنس هو يا نه؟، جاچ جو حڪم
ڪراچي: صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. باهه واري واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. زخمين جا بيان ۽ جاءِ واردات تي موجود شواهد کي به تحقيقات جو حصو بڻايو وڃي. هن زور ڏنو ته جاچ دوران فوري طور اهو به پرکيو وڃي ته ڪارخاني وٽ قانوني لائسنس موجود هو يا نه؟
-
گودام وارن اجازت نامو نه ورتو هو(ايڪسپلوزو ڊپارٽمينٽ) ڪارروائي ٿيندي: ڊپٽي ڪمشنر
ڪراچي: ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ چيو آهي ته اهڙي قسم جو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ 6 کان 8 ايجنسين کان اين او سي وٺڻ لازمي هوندو آهي، ۽ ڌماڪيدار مواد صرف مقرر ڪيل مقدار ۾ رکڻ جي اجازت هوندي آهي، مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ رکڻ قانوني ڏوهه آهي. هن ٻڌايو ته هن گودام مالڪن 2024 ۾ آخري ڀيرو اين او سي ورتي هئي، هاڻي وڌيڪ دستاويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ڊي سي چيو ته قانونن جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف ايڪسپلوزو ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وضاحت ڪندي چيو ته هن دڪان يا گودام وارن اسان کان ڪو به اجازت نامو نه ورتو هو. جاچ جاري آهي ته هتي ڪيترو بارود موجود هو. ضابطي مطابق 50 ڪلو تائين رکڻ جي اين او سي ڊي سي ڊپارٽمينٽ ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته ان کان وڌيڪ لاءِ اين او سي ايڪسپلوزو ڊپارٽمينٽ کان لازمي آهي. هن چيو ته ظاهري طور لڳي ٿو ته هتي 50 ڪلو کان وڌيڪ مواد موجود هو.
-
زخمين مان 18 ڄڻن کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪيو ويو
ڪراچي: ڦٽاڪن جي دڪان ۽ گودام ۾ ڌماڪي جي معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وضاحت ڪندي چيو آهي ته واقعو خميس ڏينهن مجھند جو ساڍي ٽي وڳي رپورٽ ٿيو، جنهن کان پوءِ سمورن ادارن بروقت رسپانس ڏنو ۽ 24 زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا. انهن مان 18 زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪيو ويو آهي.