اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چين سان فولادي ڀائيچاري جي عزم جي تجديد ڪئي آهي. ايون صدر مان جاري ڪيل بيان مطابق، صدرِ آصف علي زرداري سان ايونِ صدر ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ صدر زرداري چين سان فولادي ڀائيچاري جي عزم جي ٻيهر تجديد ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين آزمايل دوست ۽ هر موسم جا ساٿي آهن۔ چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي۔ چين هميشه پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي حمايت ڪئي آهي. صدر چين جي علائقن ۾ آيل ٻوڏن تي افسوس جو اظهار ڪيو، هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري (CPEC) ٻنهي ملڪن جي گڏيل نظريي جي تڪميل جو اهم ذريعو آهي. صدر وڌيڪ چيو ته 2026ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه شايانِ شان طريقي سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي نسل در نسل قائم آهي. چيني پرڏيهي وزير وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي. دوري جي دعوت ڏني. هوڏانهن چيني پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته علائقائي امن ۽ استحڪام اسان جو گڏيل هدف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار وڌائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجو اعتماد جوڳو اتحادي تصور ڪري ٿو، اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪستان سان لاڳاپن کي نين اوچائين تائين وٺي وڃي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي چين دوري جا منتظر آهيون. چيني پرڏيهي وزير ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو. اسحاق ڊار ٻڌايو ته چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ سي پيڪ سيمت پاڪ – چين لاڳاپن بابت سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو، عوامي سطح تي رابطا ۽ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان جي سلامتي ۽ خود مختياري جي تحفظ لاءِ چين جي عزم کي ساراهيون ٿا. هوڏانهن چيني پرڏيهي وزير وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي.