اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 9 مئي سان لاڳاپيل اٺ مقدمن ۾ ضمانت ڏيڻ واري فيصلي کي پي ٽي آءِ پنهنجي "فتح” قرار ڏنو آهي. خميس ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته: "اڄ عدالت ۾ ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان خلاف ڪجهه به ثبوت ناهي. سپريم ڪورٽ پاران اٺ ڪيسم ۾ ضمانت جي باوجود، عمران خان جيل مان آزاد نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ اڳ ۾ ئي 14 سال قيد جي سزا ملي چڪي آهي، جڏهن ته توشه خانا ٽو ڪيس ۾ به انهن جي گرفتاري ٿي چڪي آهي. بهرحال، پريس ڪانفرنس دوران سلمان اڪرم راجا چيو تههاڻ اسان جي جماعت جي باني خلاف ٽرائل هلندو ۽ اسان ٽرائل ۾ به پوري سگهه سان مقابلو ڪنداسين. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سردار لطيف کوسا عدليا جي ساراهه ڪندي چيو ته 26هين ترميم کان پوءِ به عدليا ۾ همت باقي آهي ۽ اها انصاف جي ترازو کي مضبوط نموني سان سنڀالي سگهي ٿي.