موسمي تبديلي: اسان سڀ تباھيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪا آهيون

تحرير: مير منور ٽالپر

پاڪستان موسمي تبديليءَ کان متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي اچي چڪو آهي. موسمي تبديليءَ لاءِ فضائي، آبي ۽ زميني آلودگي سڀ کان اهم ۽ بنيادي سبب آهن. فضائي، زميني ۽ آبي آلودگيءَ جو وڏو سبب وڌندڙ گرمي پد آهي. جنگ، ڪيميائي هٿيارن جو استعمال، بي مهار ۽ غير منصوبا بند معيشت، صنعتي پيداوار دوران نڪرندڙ زهريلا ڪيميائي مادا، ڌوئوَ ۽ فضلو، زرعي شعبي ۾ دوائن ۽ ڀاڻ جو استعمال، ڪچري کي ساڙڻ وغيره، اهي سڀ گرمي پد ۾ اضافي جا اهم ڪارڻ آهن.

ساڳي وقت دريائن تي بند باندھڻ، وڏا وڏا ڊيم ٺاهي پاڻيءَ جو رخ موڙڻ، دريائن جي وهڪري ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ۽ تعميراتي سرگرمين ذريعي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچڻ کان محروم ڪرڻ، دريائن ۽ سمنڊ جي سنگم تي ساحلي پٽيءَ تي موجود ٻيلن ۽ وڻن کي ختم ڪرڻ، ۽ ڊيلٽا کي تباھ ڪرڻ پڻ گرمي پد جي تبديلي ۽ موسمي بحران جا وڏا سبب آهن.

گرمي پد ۾ واڌ سبب جتي گليشيئرز جهڙا اهم پاڻيءَ جا ذخيرو سخت متاثر ٿي تيزيءَ سان پگھلجي رهيا آهن، اتي پنهنجا قدرتي هنڌ به ڇڏي رهيا آهن. ان ڪري سمورو پاڪستان برساتن ۽ سيلابي پاڻيءَ جي خطري هيٺ اچي ويو آهي. گليشيئرز جي ختم ٿيڻ سان پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن ته اونهاري ۾ وڌندڙ گرمي سبب اهي گليشيئرز خوفناڪ طريقي سان ڳري رهيا آهن. سياري ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سڪڙن جي خطري کي جنم ڏئي رهي آهي، ته اونهاري ۾ سيلابي پاڻي کي سنڀالڻ جو وڏو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي.

دريائن جي ٻنهي ڪنارن تي غيرقانوني تعميرون ۽ قبضا، ۽ ڪچن علائقن تي قبضن جي ڪري صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي. ناقص انفراسٽرڪچر، غير معياري پل، تباهه ٿيل آبپاشيءَ جو نظام ۽ جنگلن جي گهٽتائي پڻ بحران کي وڌائي رهيا آهن. مسئلا ئي مسئلا آهن، ۽ اهي سڀ مسئلا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جن جا اثر ۽ نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي رهيا آهن.

ڪلائوڊ برسٽ يعني بادلن جي اوچتو ڦاٽڻ وارا واقعا، آسماني بجليءَ جو وڌيل گرڻ ۽ زمين اندر زلزلا، سڀ اسان کي وڏن قدمن کڻڻ لاءِ ڌيان ڏيارين ٿا.

پر بدقسمتيءَ سان، پاڪستان کي ايڊهاڪ بنيادن تي هلائڻ جي ڪري حڪمران نه ڪا جامع حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن ۽ نه ئي کين حالتن جي سنگينيءَ جو احساس آهي. ڪڏهن سنڌ، ڪڏهن بلوچستان، ڪڏهن پنجاب، ڪڏهن سرائڪي وسعتون، ڪڏهن ڪشمير ۽ ڪڏهن گلگت بلتستان—ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ هزارين خاندان اهڙن ناقابلِ بيان سانحن ۽ صدمات سان منهن ڏئي رهيا آهن، جيئن اڄ ڪلهه خيبر پختونخواهه جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن.

الميو اهو آهي ته جيئن ئي برسات ۽ سيلاب جا اهي مرحلا ختم ٿيندا، حڪمران ۽ ادارا سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا، ۽ مستقبل جي خطري کي ذهن ۾ رکندي ڪابه سنجيده مختصر يا ڊگهي مدي وارا قدم نه کنيا ويندا. نتيجي ۾ وري جڏهن اهڙي صورتحال سامهون ايندي ته عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه رهندو.

اسان جي سڀني همدرديون ملڪ جي انهن متاثر خاندانن سان آهن، جيڪي انتهائي المناڪ ۽ دل ڏاريندڙ حالتن مان گذري رهيا آهن ۽ جن کي حڪمرانن ۽ ذميوار ادارن حالتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو آهي.

ملڪ جا باشعور ۽ انسان دوست حلقا، خاص طور تي سڄي عوام کي، هن بنيادي ۽ حياتيءَ سان لاڳاپيل مسئلي تي مستقل مزاجيءَ سان مسلسل آواز بلند ڪرڻ گهرجي.

(ليکڪ سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر آهي)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.