برساتون ۽ ٻوڏون معمول جو حصو آهن جيڪي دنيا اندر پنهنجي وقت تي پون ٿيون ڪٿي معمولي ته ڪٿي شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙيو ڇڏين۔پاڪستان ته ڪجهه به ناهي ترقي يافته ملڪن ۾ به برساتون ۽ ٻوڏون تباهي آڻين ٿيون جن کان بچڻ معجزو هوندو آهي۔هن ڀيري پوري ملڪ اندر سانوڻ ۽ بڊي جي برساتن وڏي پئماني تي تباهي آندي آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن پر ماڻهن جو مال متاع کنوڻن سبب يا وري برساتي پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ لڙهي وڃڻ ڪري مري ويو آهي اجها ڪري پوڻ ڪري هزارين خاندان بي گهر ٿيا آهن۔ خاص ڪري ڪي پي ڪي ۾ ته بونير واري جابلو علائقي ۾ ته ڳوٺن جا ڳوٺ پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن جتي مري ويلن جي انگ جو ته ڪو اتو پتو ناهي جڏهن سروي مڪمل ٿئي ۽ انگ اکر سامهون اچن في الحال ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ ڌڻي در آڏو رحم لاءِ هٿ مٿي کڻي سگهجن ٿا۔بهرحال ڪي پي ڪي ۾ سوڳ واري صورتحال آهي جتي امدادي سرگرميون جاري آهن سنڌ به امداد لاءِ ضروري سامان جون ٽرڪون بونير موڪليون آهن جيڪو بهتر قدم آهي۔
سنڌ جو ذڪر ڪجي ته هتي به برساتن گهٽ ناهي ڪئي ۽ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي جو واهڻ وسنديون ته پري رهيون پر ڪراچي حيدرآباد سميت سنڌ جي شهري علائقن جو عوام به برساتن سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي جتي عام روڊن تي پاڻي درياه جيان وهندي نظر آيو اسڪولي ٻار توڙي بيمار عورتون گوڏي کان مٿي اونهائي جيتري پاڻي کي پار ڪندي پنهنجي وٿاڻن تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا جڏهن حڪومتي مشنري برسات کي انجوائي ڪندي نظر آهي۔سنڌ ۾ به هن وقت تائين وڏي انگ ۾ ماڻهن جي فوت ٿي وڃڻ جا اطلاع آهن۔ڪراچي جو ميئر به پ پ پ سان واڳيل آهي جيڪو برساتن کان شهر کي بروقت بچائي نه سگهيو جڏهن ته پ پ پ سان واڳيل ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو پوء به شهر کي ڪنهن حد تائين بچائي ورتو ۽ پاڻي جو ترت نيڪال ڪرايو جنهنڪري زندگي جو وهنوار معمول موجب هلندو رهيو۔هلندڙ برسات ۾ روڊن تي امدادي ڪارواين ۾ مصروف رهيو جيڪا حوصله بخش ڳالهه آهي۔
هن سال سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو پورو اونهارو وقفي وقفي سان جاري رهيو پر جون کان وٺي سانوڻي ۽ بڊي جي برساتن جو سلسلو وقفي وقفي سان پڻ جاري آهي جيڪو هڪ اڳڪٿي موجب سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين جاري رهي سگهي ٿو۔ هونئن ته سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بڊي ۽ سانوڻي جون برساتون پيون آهن۔ حيدرآباد ۾ ٻه ڀيرا جيڪي طوفاني برساتون پيون تن شهر ۽ پسگردائي کي ٻوڙي شهري زندگي ۾ جنهن انداز سان خلل وڌو تنهن کي به وساري نٿو سگهجي۔ چون ٿا ته هن ڀيري ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تي ڪڪر برسٽ ٿيا آهن جن اهڙي تباهي مچائي آهي۔هن قسم جون برساتي تباهيون ماضي ۾ به ٿيون آهن پر هي پهريون ڀيرو آهي جو برساتن کي ڪڪرن جي برسٽ ٿيڻ سان جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ شڪ جي ڪا به گنجائش ناهي جو اهي ڪڪر جيڪي حد کان وڌيڪ ڀرجي ايندا آهن ماحولياتي آلودگي ڪري ۽ گرمي پد وڌي وڃڻ ڪري پنهنجو سفر جاري ڪري ناهن سگهندا ۽ وقت کان اڳ ڦاٽي پوندا آهن جنهن سان هڪ ئي علائقي ۾ سخت برسات پوي ٿي جيڪا تباهي آڻي ٿي پر هي برساتون معمول جو حصو آهن جيڪي سانوڻي ۽ بڊي جي مند ۾ سدائين پونديون رهنديون آهن جن کي ڪڪر برسٽ سان جوڙي نٿو سگهجي وڌيڪ موسميات کاتي وارا پنهنجي راء ڏئي سگهن ٿا ته ڇا هن ڀيري پيل برساتن جو تعلق ڪڪر برسٽ ٿيڻ جو نتيجو آهن۔ماضي ۾ ڪڪر برسٽ ٿيڻ جو ڪو به مثال نٿو ملي ۽ هن قسم جون خوفناڪ برساتون ماضي ۾ به پئجي چڪيون آهن۔سنڌ ۾ جتي جتي به ساڻوڻي ۽ بڊي جون برساتون پيون آهن اتي جاني نقصان پهتو آهي اڻ تصديق انگن اکرن موجب سنڌ جي مختلف هنڌن وسندين ۾ ٽيهارو کن ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن جڏهن ته بونير سميت ملڪي سطح تي سوين ماڻهو فوت ٿيا آهن اڪثر گهرن کان بي گهر ٿيا آهن جيڪي پڻ امداد ۽ ٻيهر بحالي لاءِ واجهائي رهيا آهن۔
سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيندڙ ادارا به آهن ته هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر به موجود آهن وري مقامي سطح تي مڪاني ادارن جا ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا به آهن۔اهڙي طرح سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان پ پ پ جي حڪومت آهي پر سنڌ کي قدرتي آفتن کان هن وقت تائين محفوظ رکي ناهيون سگهيا ۽ مختلف قسمن جا سانحا معمول جو حصو بڻيل آهن جنهن سان انساني جانين کي هاڃيڪار نقصان پهچي ٿو۔قدرتي آفتن کي جيڪو به ڪجهه نقصان پهچائڻو هوندو آهي پهچائي هليون وينديون آهن پر وزير ۽ ڪامورا پوء ٻرن مان ٻاهر نڪرندا آهن برساتن ۽ ٻوڏ جي بدبودار پاڻي ۾ ڪپڙا ۽ بوٽ پسائي فوٽو گرافري ڪرائي سوشل ميڊيا چئنلن ۽ اخبارن جي فرنٽ پئجن تي تصويري نماء ڪري هليا ويندا آهن ڪنهن هڪ اڌ کي ڪو رليف مليو ته الڳ ڳالهه آهي باقي رليف حڪومتي ڌر جا وڏيرا ۽ سردار پنهنجي اوطاقن تي رکن ۽ انتي سياست ڪن۔ماضي ۾ صوبائي ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي برساتن ۽ ٻوڏن کان اڳواٽ بچاءَ لاءِ حڪمت عملي تيار ٿيندي هئي جنهن ۾ معزز شهرين جي راء کي به اهميت ملندي هئي جيڪي پڻ هنگامي حالتن ۾ انتظاميه ۽ حڪومت سان سهڪار ڪندا هئا۔ سانوڻي ۽ بڊي ۾ برساتون پوڻ ۽ ٻوڏن جو اچڻ معمول جو حصو آهن جيڪي پنهنجي مقرر وقت ته پون ۽ اچن ٿيون جن جي اچڻ ۽ وقت جي اڳڪٿي موسميات کاتو ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ وارو کاتو اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيندو آهي پر حڪومت ۽ انتظاميه انجو اڳواٽ بندوبست يا پاڻي جي نيڪال وارا متبادل بندوبست ناهن ڪندا ۽ نظر اندازي کان ڪم وٺندا آهن جنهن سان شهري علائقن ۾ خاص ڪري وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو جيڪو لکن ۽ ڪروڙن جو نه پر اربين روپين جو ٿئي ٿو برساتن پوڻ ۽ ٻوڏن اچڻ ڪري سنڌ جي ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر ۾ مارو ماڻهن جي چهرن تي مرڪون اچن ٿيون جو اهي ڏڪاري حالتن کان ٻاهر نڪرن ٿا سکيا ستابا ٿين ٿا جڏهن ته بئراجي علائقن ۾ وڌيڪ برساتن پوڻ ڪري خاص ڪري هيٺاهين وارن هنڌن تي وونئڻن سارين ڪمند ۽ ساين ڀاڄين کي ڪاپاري نقصان پهچي ٿو جنهن سان آبادگار معاشي طور ڪمزور ٿيو وڃي۔ آبپاشي وارا ڪامورا ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پاڻي وڌيڪ ڇڏين ٿا جنهن سان به گهارا پون ٿا ۽ نقصان ٿين ٿا۔2022 وارين برساتن ۽ ٻوڏن سبب ڪئنالن ۽ شاخن کي لڳل گهارا ۽ پهتل نقصان جي بحالي وارو ڪم اڃا مڪمل ٿي ناهي سگهيو جيڪڏهن وڌيڪ برساتون پيون ۽ ٻوڏون آيون ته سنڌ جو وڏو نقصان ٿيندو جنهن سان سنڌ ۽ انجو پوئتي پيل ننڍو آبادگار معاشي طور لوڙيندو جنهن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن برساتن ۽ ٻوڏن کان سنڌ ۽ سنڌ آبادگار کي معاشي نقصان کان بچي سگهجي۔
سنڌ ۾ هن ڀيري جتي جتي به سانوڻي جون برساتون پيون آهن ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو جاني مالي نقصان پهتو آهي انجي سروي ۽ بحالي جو ڪم فوري طور شروع ڪرايو وڃي۔جن کي جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي يا بي گهر ٿيا آهن سندن مال متاع مئو آهي تن جو فوري ازالو ڪيو وڃي سرڪاري خالي پيل عمارتن کي متاثرين جي رهائشي ڪئمپن جو درجو ڏئي اتي عملو ويهاريو وڃي ته جيئن هنگامي حالتن وقت بي گهر متاثرين کي وقت سر رهڻ لاءِ اجهو مهيا ٿي سگهي۔جتي جتي برساتن شهري زندگي ۾ خلل وڌو آهي اتان جي انتظاميه خلاف تاديبي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي خاص ڪري ڪي اي ايس سي حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪامورن کي به ڪاروائي جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي جن جي نااهلي سبب به نقصان پهتو آهي۔شهري علائقن ۾ پاڻي جي نڪاس لاءِ فوري هنگامي سطح تي حڪمت عملي جوڙي وڃي ته ايندڙ وقت ۾ شهرن کي برساتن جي امڪاني نقصان کان بچائي سگهجي۔شهري علائقن ۾ سرڪاري ملازمن جون ٽيمون جوڙيون وڃن جيڪي مختلف علائقن ۾ برسات هنگامي سينٽرن تي مقرر ڪيا وڃن جيڪي هر علائقي ۾ متاثرين جي واهر ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن۔سانوڻي جي برساتن جتي جتي به زرعي فصلن کي نقصان پهچايو آهي اتان جي سروي ۽ بحالي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن۔سنڌ جو زراعت کاتو اڳ ۾ ئي آبادگارن جي رهنمائي ممڪنه نقصانن کان بچائڻ لاءِ ڪافي متحرڪ نظر آيو آهي۔زرعي توسيع کاتي سنڌ جي ڊئريڪٽر جنرل منير احمد جماڻي کاتي جو هن ڏس ۾ ڪردار به واکاڻ جوڳو آهي جنهن پنهنجي فيلڊ آفيسرن ۽ ٻئي عملي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي برسات زده علائقن جو دورو ڪري فصلن کي پهتل نقصان جي سروي ڪن ۽ وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ متاثر آبادگارن جي ضروري رهنمائي ڪن۔برساتن پوڻ ڪري اڪثر ڪري وونئڻن تي جيتن جو حملو ٿئي ٿو ۽ هيٺاهين وارن هنڌن تي ٻوٽا پاڻي هيٺ اچي ٻوساٽجي مري وڃن ٿا جنهن لاءِ بيٺل پاڻي فوري طور ڪڍڻ گهرجي۔ٿر ڪاڇي ڪوهستان ۽ ڪچي ۾ باراني فصلن جي پوکي لاءِ آبادگارن کي رعايتي اگهن تي ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت متحرڪ ٿئي ۽ آبادگارن کي فوري هنگامي طور بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ گهرجن۔بهرحال موسميات کاتو ڪڪرن جي ڦاٽڻ بابت حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪري ته ڇا واقعي ڪي پي ڪي پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڪرن جي ڦاٽڻ سبب وڌيڪ برساتي نقصان پهتو آهي يا وري معمول جون برساتون آهن ته جيئن ماڻهن کي خوف وچان ڪڍي سگهجي۔جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته عوام کي اهڙين برساتن کان بچاءَ لاءِ احتياطي تديبرن تي مشتمل آگاهي به ڏني وڃي ته جيئن اهي پاڻ پهنجو بچاءَ ڪري سگهن۔