سکر ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪندڙ وڏيرو عدالت نه آيو، پٽ سميت 6 جوابدار پهتا

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) وڏيري پاران وومين يونيورسٽي جي شاگردياڻي پاران جنسي هراسان ڪرڻ  وارو معاملو،وڏيري جو پٽ اشرف ڀنڀرو سميت 6 جوابدار ضمانت پڪي ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش، سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت ۾ متاثر شاگردياڻي نرجس ڀنڀرو پنهنجي وڪيل علي احمد پٺاڻ سان گڏ پيش ٿي، جڏهن ته جوابدار اشرف ڀنڀرو، يوسف، علي مراد، نازو، پنجل ۽ مٺل عدالت ۾ پيش ٿيا،اغوا ڪوشش ۽ جنسي هراسان واري ڪيس ۾ مک جوابدار وڏيرو سمون ڀنڀرو ضمانت نه ڪرائي سگهيو ان ڪري وڏيرو عدالت ۾ پيش نه ٿيو، واضع رهي ته ڪجھ ڏينھن اڳ وومين يونيورسٽي سکر جي شاگردياڻي نرجس ڀنڀرو اي سيڪشن ٿاڻي تي وڏيري ۽ سندس ساٿين خلاف اغوا ڪوشش واري ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، ستن جوابدارن مان 6 جوابدارن ضمانت ڪرائي ورتي

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.