ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف اغوا ۽ ڀنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالتن جي مئنيجنگ جج کي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، سي ٽي ڊي اهلڪارن جو موقف آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ گرفتاري رڪارڊ تي هئي، سي ٽي ڊي اهلڪارن چيو ته پنجاب ۾ داخل ڪيس ۾ جوابدار کي پرڏيهه مان ڪراچي پهچڻ تي حراست ۾ ورتو ويو، آفيسرن جو موقف آهي ته هن ڪو به ڏوهه نه ڪيو، ڪيس اسان خلاف کاتي جي تڪرار سبب داخل ڪيو ويو،