رياض (م ڊ) او آءِ سي اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪاري منصوبن جي سخت مذمت ڪئي آهي، بيان ۾ ان کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ منظم جنگي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. تنظيم موجب هي قدم 2 رياستي حل کي نقصان پهچائڻ ۽ فلسطيني رياست جي تصور کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي. او آءِ سي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي عملن جو فوري نوٽيس وٺي ۽ فلسطيني حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن.