بنا ٽريڪر ۽ بنا ڪيمرا ڊمپرن تي بندش، لسانيت ۽ بدمعاشي برداشت نه ڪبي\سنڌ سرڪار

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته ڪراچي ۾ 25 آگسٽ کانپوءِ بنا ٽريڪر ۽ ڪيمرا وارن ڊمپرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. سنڌ جي گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻه ڏينهن اڳ ڊمپر حادثي ۾ فوت ٿيلن جي خاندانن کي معاوضي جواعلان ڪيو آهي. حادثي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ڊمپر پوليس ٿاڻي تي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو ڊمپر حادثن کي وڌائي پيش ڪري رهيا آهن، جيڪو مناسب ناهي. جيڪڏهن ڪو غلط بيان ڏئي ٿو ته حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته شهر ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ صرف ڊمپر ڊرائيور ذميوار نه آهن پر اسان سڀ ذميوار آهيون. پنجاهه سال پراڻيون گاڏيون روڊن تي هلي رهيون آهن ۽ اڪثر موٽرسائيڪلن ۾ بتيون نه آهن. هن چيو ته اسان ٽريفڪ سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان کي ڪراچي جي ماڻهن جي سهڪار جي ضرورت آهي. هاڻي کان چالان اي ٽڪيٽ ذريعي گهر پهچندا. ٽينڪر ۽ ڊمپر ڊرائيورن کي ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ گاڏيون ڪئميرا کان سواءِ نه هلنديون. انهن جي ڊرائيورن کي لائسنسنگ اٿارٽي پاران تربيت ڏني ويندي. ساڳئي طرح، هڪ ڊرائيور جنهن وٽ ايڇ ٽي وي لائسنس نه هوندو ان کي ٽرڪ هلائڻ جي اجازت نه هوندي. پراڻا ٽرڪ به هلائڻ جي اجازت نه هوندي. ضياء الحسن لنجار چيو ته اسان لساني فرق جي اجازت نه ڏينداسين، سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي سنڌي آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سڄي سنڌ ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو، ۽ مذهبي رواداري جي لحاظ کان سنڌ سڄي ملڪ ۾ خاص اهميت رکي ٿي. هن چيو ته گذريل رات 3 وڳي، هڪ شخص پنهنجي معصوم ڌيءَ ۽ پٽ سان موٽرسائيڪل تي سوار هو ته اوچتو هڪ ڊمپر سان سندن حادثو ٿي پيو. هن جي جھوريندڙ حادثي ۾، ٻھ ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته سندن پيءُ سخت زخمي ٿي پيو. هن چيو ته هي هڪ اهڙو الميو آهي جنهن جي صرف مذمت نه ٿي ڪري سگهجي. هر والدين ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو هن درد کي دل سان محسوس ڪندو. هن چيو ته حادثي کان فوري بعد، پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ۽ گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گاڏي پوليس جي قبضي ۾ هئي، ان جي باوجود، ڪجهه شرپسند، جيڪي واضح طور تي دهشتگرد ذهنيت جا  ۽ تربيت يافته آهن، موقعي تي پهچي ويا ۽ ست مختلف ڊمپرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. انهن ماڻهن شهر ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ۽ امن خراب ڪرڻ جو منصوبو رٿيو هو. هن چيو ته هي ساڳيو پراڻو طريقو آهي جنهن ذريعي ماضي ۾ لسانيات، ڀتي خوري ۽ بدمعاشي جي سياست کي ھٿي ڏني وئي، اسان اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي شهر ۾ وڏين قربانين کان پوءِ امن آيو آهي ۽ هاڻي اسان ڪنهن به قيمت تي امن کي خراب نه ٿيڻ ڏينداسين. شرجيل ميمڻ چيو ته هن واقعي کان پوءِ ٽرانسپورٽرن ۽ ڊمپر مالڪن سان هنگامي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ انهن کان اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ هڪ معاهدو ڪيو ويو. هن معاهدي تحت، 25 آگسٽ کان پوءِ، رڳو اهي ڊمپر جن ۾ جديد ٽريڪرز ۽ ڪئميرائون ھونديون، شهر ۾ داخل ٿي سگهندا، ۽ هر ڊرائيور جو مڪمل رڪارڊ ۽ لائسنس چيڪ ڪيو ويندو، چاهي هو ڪنهن به شهر مان هجي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته فوت ٿيل ٻارن جي خاندانن کي فوري طور تي مالي معاوضو ڏنو وڃي. هن اهو به چيو ته هڪ ٻئي ڊرائيورکي، جنهن جو حادثي سان ڪو به واسطو نه هو، ڪاوڙيل هجوم سخت زخمي ڪري ڇڏيو۽ هن وقت جناح اسپتال ۾ ڪوما ۾ علاج هيٺ آهي. ڇا اسان چاهيون ٿا ته شهر ٻيهر بدمعاشي ۽ خوف جي گرفت ۾ اچي وڃي؟ هي هڪ منظم سازش آهي، پر اسان واضح ڪريون ٿا ته حڪومت ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندي ۽ ڪنهن کي به شهر جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻيهر بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان خلاف بدمعاشي جو جواب بدمعاشي سان ڏيڻ جي انداز ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ شهر جو امن هر قيمت تي برقرار رکيو ويندو.ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر طحا احمد صديقي تقرير ڪندي چيو ته شهر ۾ ڊمپر بي لغام ٿي موت ورهائي رهيا آهن، ماڻهو مري رهيا آهن، مائرن جون هنجون خالي ٿي رهيون آهن. هن حڪومت تي تنقيد ڪئي ته انهن ئي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون جيڪي قاتل آهن. جيڪي ڊمپر سڙيا آهن، انهن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪريو ٿا، مڃون ٿا قانون ڪنهن کي هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي پر حڪومت مالي نقصان تي معاوضو ڏئي رهي آهي پر جاني نقصان جو ڪو معاوضو ناهي.

  1.  راشد منھاس روڊ حادثو: ڊمپر ساڙڻ جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر) راشد منھاس روڊ تي ٽريفڪ حادثي کان پوءِ 7 ڊمپرن کي باهه ڏيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، نجي ٽي وي موجب جاچ ٽيم جي سربراهي ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ ڪندا، ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ چيو آهي ته واقعي کان پوءِ 18 کان 20 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهي ماڻهو  ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهن، جڏهن ته مختلف سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي وڌيڪ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ جاري آهي ۽ سندن گرفتاري لاءِ ڪارروائيون ٿي رهيون آهن،ٻئي طرف، صوبائي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ ٻڌايو ويو ته  ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ راشد منھاس روڊ تي ٽريفڪ حادثي کان پوءِ دهشتگرد سوچ وارن ماڻهن ڊمپرن کي باهه ڏني، شهر ۾ ٻيهر لسانيت، بدمعاشي ۽ ڀتاخوري جي سياست نه ٿيڻ ڏني ويندي، ان کان اڳ ٽريفڪ پوليس جي ابتدائي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته حادثي وقت ڊمپر خالي ۽ فاسٽ ٽريڪ تي تيز رفتاري سان هلي رهيو هو، ممڪن آهي ته موٽرسائيڪل ساٿ هلندڙ گاڏي سان هلڪي ٽڪرائجي ڪري پئي هجي ۽ ڀيڻ ڀاءُ موٽرسائيڪل تان ڪري پيا هجن، جنهن کان پوءِ پويان ايندڙ تيز رفتار ڊمپر ٻنهي کي چيڀاٽي ڇڏيو،ان کان سواءِ ڊمپر ساڙڻ بابت ٻه مقدما به داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ دهشتگردي ايڪٽ جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن.

  1. ڪراچي ۾ ڊمپرن ۽ باقي شهرن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي: ڪاشف سعيد

ڪراچي/ سکر (پ ر/ رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي  ته ڪراچي ۾ ڊمپرز راڄ ۽ باقي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ توڙي منشيات فروشن جي حڪومت آهي جنهن اهڙي سموري ظالماڻينظام کي سنڌ حڪومت ۾ موجود بااثر شخصيتن جي سرپرستي حاصل آهي. مراد علي شاهه جي سنڌ حڪومت سيڪيورٽي جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۾ سکر ڊويزن جي هر سطح جي ذميدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. عملي طور سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڪرپشن جو راڄ آهي، جنهن سبب تعليم، صحت ۽ ٽرانسپورٽ سميت هر شعبو تباهي جو شڪار آهي. رڳو صوبائي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۽ ڊمپرن سبب 546 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن جڏهن ته صوبي جي ٻين شهرن جو ڪو به حساب ناهي.ٽريفڪ پوليس سميت سنڌ حڪومت جي اها نااهلي آهي. نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت پاران سنڌ ۾ چورن، منشيات فروشن، ڀتا خورن کي مڪمل استثنيٰ حاصل جڏهن ته عوام جي حفاظت لاءِ کين ڪا به ڳڻتي نه آهي، سنڌ حڪومت جي ترجيح  فقط گاڏين جي نمبر پليٽ کي تبديل ڪري ماڻهن جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ آهي. جنهن پارٽيءَ جو اڳواڻ کير ۽ پاڻي وڪڻندي ارب پتي بڻجي ويو ان پارٽي جي 17 سالن حڪمراني جي دور ۾ سنڌ جا ماڻهو زندگي جي بنيادي سهولتن کان به محروم آهن.سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر، حيدرآباد، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي لپ لاءِ به پريشان آهن، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ سترنهن سالن کان مسلسل اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود عوام کي پيئڻ جو  صاف پاڻي به فراهم نه ڪري سگهي آهي، اهڙن حڪمرانن مان بهتري جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، جماعت اسلامي جا ذميدارپبلڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون قائم ڪري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد کي تيز ڪن. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ ملڪ جي پيداوار ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس ۽ بجلي فراهم ڪرڻ باوجود صوبي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ۽ گهرن جا چُلها ٿڌا لڳا پيا آهن. ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ سان ٻين صوبن ۾ ڪارخانا هلي رهيا آهن، پر سنڌ ۾ اونداهيءَ جو راڄ آهي ان جو واحد ذميوار سنڌ مٿان قابض حڪمران پارٽي آهي، جنهن پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪارونجهر جي ڪٽائي، گورک هل تي قبضي سميت هر جڳهه تي ”سنڌ براءِ فروخت“ جا اشتهار لڳائي ڇڏيا آهن.

  1. ڪراچي ۾ ڊمپر حادثو: فوتي ڀيڻ ڀاءُ جي وارثن لاءِ  معاوضي جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)  ڊمپر جي ٽڪر سان ڀيڻ ڀاءُ فوت، سنڌ حڪومت پاران وارثن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي جيراشد منھاس روڊ تي افسوسناڪ حادثي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار ڀيڻ ڀاءُ فوت ٿي ويا، جن جي وارثن لاءِ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار معاوضي جو اعلان ڪيو،  صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جان جو ڪو معاوضو نٿو ٿي سگهي، پر وارثن کي مالي مدد ضرور ڏني ويندي، هن ٻڌايو ته حادثي جي ايف آءِ آر داخل ٿي وئي آهي ۽ ڊمپر ٿاڻي ۾ موجود آهي، هن چيو ته هن معاملي تي ڪميٽي ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ايل ٽي وي ۽ ايڇ ٽي وي ڊرائيورن جي لازمي ٽريننگ ڪئي ويندي، بغير لائسنس ڊرائيونگ تي سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ ٽريفڪ قانونن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام مضبوط ڪيو ويندو، ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪراچي جي روڊن تي پنجاهه سال پراڻيون گاڏيون هلي رهيون آهن، جڏهن ته ڪيترين موٽرسائيڪلن ۾ لائيٽ نه هجڻ ڪري حادثن جو خطرو وڌي وڃي ٿو، هن ٻڌايو ته اي ٽڪٽنگ  سسٽم ذريعي هاڻي چالان گهر موڪليا ويندا، ٽينڪر ۽ ڊمپر گاڏيون بغير ڪيمرا جي روڊ تي نٿي هلي سگهن، پراڻن ٽرڪن کي هلاڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ايڇ ٽي وي لائسنس کانسواءِ ڪو به ڊرائيور ٽرڪ نه هلائي سگهندو، هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ لسانيت جي ڪا گنجائش ناهي، هتي رهندڙ سڀ سنڌي آهن، حادثي کان پوءِ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ماڻهن خلاف اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ ۾ مقدما هلندا ۽ ڏوهارين کي سخت سزا ڏني ويندي، پوليس موجب، حادثي جي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ واضح آهي ته هلڪي برسات سبب روڊ تي ڦسل هئي، موٽرسائيڪل هڪ ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي ڪري پئي، ۽ پوئتي ايندڙ تيز رفتار خالي ڊمپر فاسٽ ٽريڪ تي هلندي ٻنهي کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي کان پوءِ مڇريل ماڻهن ست ڊمپر ساڙي ڇڏيا، پوليس ويهن کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ٻن ٿاڻن تي  ڪيس داخل ٿيا، وڌيڪ فوٽيجز گڏ ڪري جامع رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي، جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.