اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله تحريڪ انصاف کي آزادي جي ڏينهن تي احتجاج نهڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن حق جي فتح طور ملهائجي رهيو آهي، تنهنڪري پي ٽي آءِ کي پنهنجو احتجاج هڪ ڏينهن اڳ يا هڪ ڏينهن پوءِ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف ايڪسٽينشن جو مخالف آهي، 27هين ترميم اڃا غور هيٺ ناهي، ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي.