اقليتي برادري پاڪستان ۾ محفوظ آهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدرِ آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي آئين تحت اقليتي برادري پاڪستان ۾ محفوظ آهي، تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو تهملڪي ترقي ۾ اقليتي برادرين جو اهم ڪردار آهي، ۽ اڄ گڏ ٿيڻ جو مقصد اقليتي برادرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ  آهي، هن چيو ته اسلام اقليتي برادرين سميت سڀني مذهبن کي برابري جا حق ڏئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ سڀ حق حاصل آهن، قائداعظم چيو هو ته پاڪ سرزمين ۾ هر شهري جا حق برابر آهن، اسين اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مساوي موقعن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ اقليتن جي ڀرپور نمائندگي موجود آهي، ۽ پاڪستان جي آئين تحت سڀ اقليتي برادرين پاڪستان ۾ محفوظ آهن، هن چيو ته تعليمي ميدان ۾ اقليتي طبقن لاءِ اسڪالرشپ جا بهتر موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ سرڪاري نوڪرين لاءِ اقليتي برادرين لاءِ الڳ ڪوٽا مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان هر قسم جي انتهاپسندي ۽ مذهبي عدم برداشت جي خلاف پرعزم آهي، ملڪ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل ترقي جي بنياد تي قائم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.