آمريڪا طرفان ڀارت تي 50 سيڪڙو گڏيل ٽيرف لاڳو ڪرڻ هڪ غيرمعمولي قدم آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڀارت هي دٻاءُ قبول ڪري ٿو ته اها ڳالهه ان جي معاشي خودمختياريءَ تي سوال اٿاريندي، ۽ جيڪڏهن ڀارت ان جو ردعمل طور جوابي قدم کڻي ٿو ته پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري جنگ شروع ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا.
ڀارتي حڪومت جي هڪ اندرين تجزئي مطابق، ٽرمپ طرفان لڳايل نون پابندين جي نتيجي ۾ ڀارت کي آمريڪا ڏانهن موڪليل لڳ ڀڳ 64 ارب ڊالر جي برآمدات – جيڪا ان جي آمريڪا ڏانهن مجموعي برآمدات جو 80 سيڪڙو آهي – تي پنهنجي مقابلي واري برتري وڃائڻ جو خطرو آهي. تنهن هوندي به، 4 ٽريلين ڊالر جي ڀارتي معيشت ۾ برآمدات جو حصو نسبتن گهٽ هجڻ ڪري، ماهرن جو خيال آهي ته ان جو سڌو سنئون اثر مجموعي معاشي واڌ تي محدود رهندو. ڀارتي مرڪزي بينڪ (ريزرو بينڪ آف انڊيا) اپريل کان مارچ 2024–25 تائين جي مالي سال لاءِ واڌ جو اندازو 6.5 سيڪڙو تي برقرار رکيو آهي ۽ شرحن ۾ به ڪا تبديلي ناهي آندي، جيتوڻيڪ آمريڪي محصول ۾ واڌ جي امڪاني صورتحال سبب غير يقيني فضا موجود آهي. انگن اکرن مطابق، 2024 ۾ ڀارت آمريڪا ڏانهن لڳ ڀڳ 81 ارب ڊالر جي شين جي برآمد ڪئي.
آمريڪا جو موقف آهي ته روس تي لڳايل پابندين جي باوجود، جيڪڏهن ڀارت جهڙا وڏا ملڪ روسي تيل خريد ڪندا رهيا ته اها ڳالهه عالمي سطح تي آمريڪا جي معاشي ۽ جاگرافيائي حڪمت عمليءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. آمريڪا جي هن نئين فيصلي تي ڀارت طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندم باگچي جيسوال پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا طرفان ڀارت تي لاڳو ڪيل 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف افسوسناڪ، ناانصافيءَ تي ٻڌل ۽ غير منصفاڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي درآمد ۽ برآمد جي پاليسي عالمي اصولن جي بنياد تي جوڙي ٿو ۽ هو پنهنجن قومي مفادن سان ڪنهن به حالت ۾ سوديبازي نه ڪندو. آمريڪي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ ڀارت جو سياسي ماحول وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڪانگريس جي اڳواڻ راھول گانڌي، مودي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ طرفان ڀارت تي لاڳو ڪيل اضافي ٽيرف ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته موجوده حڪومت بين الاقوامي سطح تي مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. راھول گانڌي وزيراعظم مودي کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور قوم کان معافي وٺي استعيفيٰ ڏئي، ڇو ته هو ڀارت جي مفادن جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا ۾ هڪ سرڪاري ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ستن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪرڻ وارو آهي، جيڪو بيجنگ سان لاڳاپن جي بهتري ۽ واشنگٽن سان ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ هڪ اهم سفارتي اڳڀرائي سمجهي پئي وڃي. مودي، 31 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چيني شهر تيانجن ويندو. آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو آغاز ڪجهه مهينا اڳ تڏهن ٿيو هو، جڏهن ڀارت آمريڪي دٻاءَ جي باوجود روسي تيل جي درآمد گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ "Mission 500” نالي اقتصادي ڳالهيون ٿيون، جن جو مقصد ٻه طرفي واپار کي 500 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ هو، پر زراعت، ڊيري شين ۽ ٻين حساس شعبن ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو. ٽرمپ انتظاميه جو موقف رهيو آهي ته ڀارت آمريڪا کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، ۽ آمريڪا جو واپاري خسارو ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته موجوده ڍانچو غير منصفاڻو آهي.
اهو ساڳيو موقف اڳ به ٽرمپ جي حڪومتي دور ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو، جڏهن GSP (Generalized System of Preferences) جي سهولت ڀارت کان واپس ورتي وئي هئي. هاڻ جڏهن 2025 ۾ آمريڪا ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ته ان جو فوري اثر ڀارتي برآمدات تي پوندو، اهو طئي آهي. ڀارت جون وڏيون برآمدي شيون جيئن ته ٽيڪسٽائل، چمڙي جون شيون، زيور، زرعي پيداوارون ۽ دواساز شيون شامل آهن، انهن تي بلند ٽيرف لاڳو ٿيڻ جو مطلب آهي ته آمريڪي مارڪيٽ اندر انهن جي مقابلي واري سگهه گهٽجي ويندي، جيڪو ڀارت لاءِ اربين ڊالر جي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.هن فيصلي کان پوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي اعلان ڪيو آهي ته ڀارت پنهنجي هارين، ماڇيگيرن ۽ ڊيري انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن جي مفادن تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندو. هي بيان گهريلو سياسي حلقن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش به آهي ۽ ساڳئي وقت هڪ واضح پيغام به ته ڀارت معاشي دٻاءَ هيٺ اچي، پنهنجي خودمختياري قربان نه ڪندو. هي ڇڪتاڻ اهڙي وقت پيدا ٿي آهي، جڏهن دنيا اڳ ئي معاشي غير يقينيءَ جو شڪار آهي. روس يوڪرين جنگ، وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار، چين جي وڌندڙ معاشي طاقت، ۽ عالمي سپلاءِ چين جون ڏکيائيون، عالمي واپار کي هڪ انتهائي نازڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي.
مجموعي طور تي، هن تڪرار مان اهو سبق ملي ٿو ته واپاري لاڳاپن کي جذبات، سياسي بيانن ۽ دٻاءُ واري پاليسي سان نه، پر باهمي مشاورت، معاشي حقيقت پسندي ۽ دور انديشيءَ سان بهتر بڻائي سگهجي ٿو.اهڙي وقت، جڏهن عالمي معيشت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، ته اهڙن تڪرارن جو حل ڳولڻ نه فقط ڀارت ۽ آمريڪا لاءِ، پر پوري عالمي معيشت جي استحڪام لاءِ به انتهائي ضروري آهي. ڇو ته جڏهن ٻه وڏيون جمهوريتون پاڻ ۾ ويڙهجن ٿيون، ته ان جو اثر فقط انهن جي سرحدن تائين محدود نه ٿو رهي، پر سڄي دنيا تي پوي ٿو.
آمريڪا جو موقف آهي ته روس تي لڳايل پابندين جي باوجود، جيڪڏهن ڀارت جهڙا وڏا ملڪ روسي تيل خريد ڪندا رهيا ته اها ڳالهه عالمي سطح تي آمريڪا جي معاشي ۽ جاگرافيائي حڪمت عمليءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. آمريڪا جي هن نئين فيصلي تي ڀارت طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندم باگچي جيسوال پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا طرفان ڀارت تي لاڳو ڪيل 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف افسوسناڪ، ناانصافيءَ تي ٻڌل ۽ غير منصفاڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي درآمد ۽ برآمد جي پاليسي عالمي اصولن جي بنياد تي جوڙي ٿو ۽ هو پنهنجن قومي مفادن سان ڪنهن به حالت ۾ سوديبازي نه ڪندو. آمريڪي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ ڀارت جو سياسي ماحول وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو آهي.