حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن فرمايو آهي ته :
کرڪڻا لاهي ، سک نه ستا ڪڏهن
اوسيئڙو آهي ، کاهوڙين کي پنڌ جو .
ان بيت جو ترجمون ڊاڪٽر عبدالغفار سومري واري رسالي ۾ هن طرح بيان ڪيل آهي ته ” اهي کاهوڙي ( سالڪ ) ڪڏهن به پنهنجن پيرن ۾ پيل ڇنل ۽ ڦاٽل جوتن کي لاهي ( غافل ) ٿي نٿا سمهن . هنن کي هر وقت انهيءَ وڏي پنڌ ۽ مسافريءَ جو اونو ۽ اڻ تُڻ آهي “ . مسلسل جدوجهد ڪاميابي جي ڪنجي آهي . شاهه صاحب هر انسان کي سرخرو ڏسڻ ٿو چاهي ، هو خود به جبلن ، ڏونگرن ، صحرائن جو مسافر ۽ بکن اڃن کي منهن ڏنو ، ان ايتريون تڪليفون ڏٺيون جو فرمائي ٿو ته :
حقيقت هن حال جي ، جي ظاهر ڪريان ذري
لڳي ماٺ مرن کي ، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري ، اوڀر اُڀري ڪين ڪي .
ڀٽائي سرڪار پنهنجي سر کاهوڙيءَ ۾ هڪ هنڌ هن طرح فرمايو آهي ته :
ڀَڪُلِئا ڀُوڻَنِ ، دَلقَ گَڏِئون ڌوڙِ ۾
راتيان رُڃ رَهَنِ ، ڏينهان ڏورن ڏونگرين .
اهي کاهوڙي مٽيءَ جي رنگ ۾ بڀوت ٿي هِت هُت هلندا وتن . سندن لباس به مٽي هاڻا يا ڌوڙ وارا ٿي ويا آهن . اهي رات جو هميشه بيابانن ۾ گذارين ٿا ۽ ڏينهن جو جبل جهاڳيندا ٿا وتن . ڀٽائي سرڪار عمل ۽ جدوجهد ۾ يقين رکندو هو ، ڀٽائي سرڪار عمل ۽ جدوجهد سان ايترو ته پيار ڪندو هو ، هن سست ۽ ڪاهلن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ننديو آهي ، هڪ هنڌ شاهه صاحب فرمايو آهي ته :
جڏهن ستيون جي ، پٿر پير ڊگها ڪري ،
تڏهن تنين کي ، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو .
سستي ، ڪاهلي ، انساني ڪاميابي جي هر محل کي ڀنڀور ( اجاڙ ) ڪري ڇڏيندي آهي ، ڀٽائي سرڪار فرمائي ٿو ته :
ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون ، ساهڙ ساهڙ ڪن
ڪنين سانگو سر جو ، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن
ساهڙ سندو تن ، گهاگهائي گهڙن جي .
هو منزل ڏانهن ويندي پوئتي ورڻ جو قائل نه آهي .
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي نه فقط ٻولي ئي استعمال ڪئي ، پر ان جو لهجو پڻ ڪم آندو ، اهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري ئي ڪري سگهيو آهي ، جو هن خود عام ماڻهوءَ جي زندگي بسر ڪئي ۽ سندس ماحول ۾ سمائجي ويو ، انهن جي زندگيءَ کي تمام قريب وڃي ڏٺو . هن پورهيتن ، سانگين ، سامين ، جوڳين ۽ سنياسين جي صحبت ۾ رهيو ، انهن وانگر پير اگهاڙا ڪري ، انهن سان گڏ هنگلاج ، لاهوت ، لامڪان تائين پيادل سفر ڪيائين . ان کانسواءِ هن سنڌ جو هر حصي کي گهمي ڏٺو ، ٿر ، لاڙ ، ڪوهستان ، اتر ، چپي چپي جو مشاههدو ڪيائين ، انهن سڀني ڳالهين جو ذڪر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي . ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته :
ڏوري ڏوري ڏيهه ، ماءِ کاهوڙي آئيا
مين پيرين کيههَ ، ڪُههُ ڄاڻان ڪِنهه پار جِي .
اهي کاهوڙي تمام گهڻو ( پري وارا ) هنڌ ۽ ماڳ ووڙي ، وري پنهنجي جاءِ تي موٽي آيا آهن . اهڙن باهمت مردن جي پيرن ۾ اها دز مٽي لڳل آهي ، جو خبر ئي نه ٿي پوي ، ته هو الائجي ڪهڙو جهان جهاڳي موٽي آيا آهن .
ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته :
کاهوڙين کڻي ساجهر ٻڌا سندرا
ڏوريندين ۾ ڏونگين ، ڪيائون پاڻ پڻي
ڏکن ڏيل هڻي ڇيهه لڌائون ڇپرين .
پهاڙن تي ڪم ڪندڙ مزدور پورهيت صبح سوير سانداريون کڻي وڃن ٿا . اهي جسماني ۽ ذهني پورهيت پنهنجي هٿن * اوزارن وسيلي پهاڙن جو سينو چيري ، انسان جي خوراڪ ۽ ٻي ڪم جو شيون حاصل ڪن ٿا .
جت نه پَکيءَ پيرُ ، تِت ٽمڪي باهڙي
ٻئو ٻاريندو ڪيرُ ، کاهوڙيڪيءَ کير ري .
اهو اعليٰ مقام جتي پکين جي پهچڻ جي مجال ناهي ، پر اتي باه ٻرڻ جو چمڪو پيو ڏسجي . اهڙي جڳهه ( مقام ) تي ٻيو ڪير پهچي باه ٻاريندو ، سواءِ کاوهوڙين جي ساٿ جي ! ( جيڪي انهيءَ راه جا واقف آهن ) . ڀٽائي سرڪار ان شخص کي ڪاميابيءَ جي خوسخبري ڏيئي ٿو جيڪو بيٺو ناهي ، وک کڻي ٿو ، پنڌ ڪري ٿو ، يعني جدوجهد ۾ رڌل آهي يا جيڪو عمل ۽ جدوجهد ڪري ٿو ، ڪامل يقين اٿس ته جدوجهد ئي ان منزل تي رسا.ئيندي ۽ کيس هن طرح خوشخبري ٻڌائي ٿو :
هتان کڻي هُتِ ، جن رکيو سي رسيون
ساجن سونهن سرت ، وکان ئي ويجهو گهڻو .
ڀٽائي سرڪار جو پيغام آفاقي پيغام آهي ، تمام انسانن لاءِ هنن پنهنجو پيغام ڏنو آهي ، ڳالهه آهي ان کي پڙهڻ جي ، ان مان سبق حاصل ڪرڻ جي .