لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوھلي جي نئين تصوير سوشل ميڊيا تي مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
ڀارتي اسٽار ڪرڪيٽر 36 ورهين جي عمر ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان رٽائر ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين ڀارت جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو آهي.
هن آخري ڀيرو هلندڙ سال چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس ٽيم فاتح رهي هئي.
پر هاڻ ويرات ڪوهلي جي تازي تصوير سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن سندس چاهيندڙن جي ذهن ۾ ڪيئي سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن.
ڀارت ڄائي ڪاروباري شخصيت شاش لنڊن ۾ ڪوھلي سان گڏ تصوير سماجي ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.
تصوير ۾ ويرات ڪوھلي کي گهري سُرمائي رنگ جي زِپ اِپ هوڊي، هلڪي سُرمائي ٽي شرٽ ۽ نيري رنگ جا جوگرز پاتل آهن.
شاش تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” ڊونٽ نيد ڪيپشن… وِد دي ڪنگ ڪوھلي.“
پر ان تصوير ۾ ۾ جنهن ڳالهه مداحن جي من ۾ مانڌاڻ مچائي آهي اِهو ڪوھليءَ جي ڏاڙهي جو رنگ آهي، جنهن ۾ هن جا وار اڇا نظر اچي رهيا آهن.
سندس تصوير تي هڪ واهپيدار لکيو ته ۾” شينهن پوڙهو ٿي ويو آهي، پر شڪار ڪرڻ نه وساريو اٿائين، کيس ڀارتي رنگ ۾ ڏسڻ لاءِ بيتاب آهيون.“
You might also like