لاهور (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز لاھور ويجهو ڀارتي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب، پاڪستان ۾ ڀارتي ڊرون جي چر پر رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز لاھور جي علائقي مناوان ۾ نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز ڊرون کي فوري طور تي نشانو بڻايو ۽ هيٺ ڪِيرائي ڇڏيو، شروعاتي طور تي ڊرون سرويلنس لڳي ٿو ۽ ان ۾ ڪو بارود موجود نه هو.
پوليس ذريعن موجب، حساس ادارن ڊرون پنهنجي قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like