پشاور(م ڊ) خيبر جي وادي تيراه جي واقعي تي ڪمشنر پشاور جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ دهشتگردي جي متاثر قبيلن کي رليف ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. جرڳي ذريعن موجب، ڪمشنر پشاور جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قبائلي اڳواڻن، ايم اين اي اقبال آفريدي ۽ ايم پي اي عبدالغني پڻ شرڪت ڪئي. جرڳي ذريعن ٻڌايو ته جماعت اسلامي، اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت به انهيءَ اجلاس ۾ شامل هئي. جرڳي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ دهشت گردي کان متاثر ٿيل قبيلن کي رليف ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ۽ وادي تيراهه جو هڪ نمائندو جرڳو جلد ئي وزيراعليٰ سان ملاقات ڪندو.. وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور تيراه ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل ماڻهن سان مڪمل همدردي آهي. هن شهيد ٿيل ماڻهن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ۽ زخمين لاءِ 25،25 لک رپين جو پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو.