اسلام آباد(زاهد گشڪوري) بحريا ٽائون جي هڪ برگيڊيئر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جو بحريا ٽائون ۾ اهم ڪردار هو، جيڪي بحريا ٽائون جي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو، اهڙين طرح امڪان آهن ته وڌيڪ ٻن برگيڊيئرن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، مني لانڊرنگ بابت جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪئي آهي، برگيڊيئر ظفر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ڪرنل رٽائرڊ خليل کي گرفتار ڪيو ويو هو، هن وقت تائين 10 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته برگيڊيئر منظور مغل جو نالو به ڪنٽرول لسٽ تي آهي، ان کان اڳ ملڪ رياض جي ڀاءُ ملڪ فرحت جو به گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، متضاد اطلاع آهن ته نيب ۽ ايف آءِ اي انهن ٻنهي کي گرفتار ڪيو آهي، چيو وڃي ٿو ته ٽن سالن جي جاچ دوران پتو پيو آهي ته بحريا ٽائون جي هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ ٿي آهي، ان مان دبئي ۾ بحريا ٽائون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان مني لانڊرنگ ۾ ڪرنل رٽائرڊ خليل جو اهم ڪردار آهي، بحريا ٽائون جي مني لانڊرنگ خلاف وڏي پيماني تي جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ گرفتار ٿيڻ جوامڪان آهي، حڪومت ملڪ رياض کي انٽرپول ذريعي ملڪ آڻڻ چاهي ٿي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز اڱارو 29 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو