ججن کي نيون گاڏيون،انصاف جي نظام ۾ بهتري اڃا به سواليا؟

اسلام آباد(ابصار عالم+حسنات ملڪ)سوشل ميڊيا تي سپريم ڪورٽ جي ججن کي نيون ۽ مهانگيون گاڏيون ڏيڻ جي معاملي تي وڏو بحث هلندڙ آهي،سوشل ميڊيا تي چوڻ ۾ اچي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي هڪ ڪروڙ رُپين تائين جي نيون، آرامده ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس گاڏيون ڏنيون ويون آهن۔ عوام تنقيد ڪري رهيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ مهانگائي عروجتي آهي، پيٽرول، گئس، بجلي جا اگهه عام ماڻهوءَ لاءِ ناقابل برداشت ٿي ويا آهن، ته پوءِ ججن کي اهڙيون شاهانه سهولتون ڇو ڏنيون پيون وڃن؟پر ڇا ججن کي سهولتون ڏيڻ غلط آهي؟ساڃاهه وندن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو آهي ته هي ته سپريم ڪورٽ جا جج آهن، قوم جي خدمت ڪن ٿا، تاريخي فيصلا ڏين ٿا، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن انهن کي نئين گاڏي ملي به وڃي، ته ڪهڙو گناهه ٿي ويو؟سپريم ڪورٽ جي جج جي مهيني جي پگهار 27 لک 47 هزار رپيا آهي۔ ايتري وڏي پگهار هجي ۽ پراڻي گاڏي؟ اها به ته سراسر زيادتي آهي۔هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهار به 26 لک 47 هزار رپيا آهي، ته انهن کي به نيون گاڏيون ملڻ گهرجن۔جڏهن جج رٽائر ٿين ٿا ته آخري پگهار تي پينشن ملندي رهي ٿي، ۽ جيڪڏهن جج وفات ڪري وڃي ته بيواهه کي به اها پينشن ملندي رهي ٿي۔ جيڪڏهن ٻي شادي ڪئي هجي ته ٻي زال کي به ملندي رهي ٿي،جڏهن ته پاڪستان جي عدليه 142 ملڪن مان 129هين نمبر تي آهي۔ دنيا ۾ انتهائي پوئتي۔ ان لاءِ جيڪڏهن ججن کي شاهاڻيون سهولتون ڏنيون وڃن، ته اها به ملڪ جي بهتري لاءِ ئي آهي!سپريم ڪورٽ ۾ 57هزار ڪيس التوا هيٺ، لاھور هاءِ ڪورٽ ۾ 2لک، اسلام آباد ۾  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 90،000 ۽ سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور 24 لک ڪيس التوا هيٺ آهن۔پوءِ به ماڻهو تنقيد ڪندا رهن ٿا ته ججن کي پگهارون وڌايون ويون، گاڏيون مليون، ڪُڪ (خانسا مهيا ڪندڙ) رکيا ويا، ريسٽ هائوسز ٺهيا۔ پر نتيجا ته اهي ئي آهن!اهو سڀ ان لاءِ ته جيئن عدالتون بهتر ڪم ڪن، رينڪنگ بهتر ٿئي۔ جيڪڏهن ڪڏهن غلط فيصلا به ٿي وڃن، ته ڀلا 24 لک ڪيسن مان 10 غلط فيصلا به قابل معافي آهن جڏهن  ته ڪراچي ۾ ڪجهه رٽائرڊ ججن کي پاڻي جا ٽئنڪر بنا پئسن جي ملن ٿا،جڏهن ته هڪ اڳوڻي چيف جسٽس درخواست ڏني آهي ته هن گهر ۾ سولر پلانٽ لڳائي ڇڏيو آهي ان ڪري کيس 2 هزار يونٽن جا پئسا ڪيش ۾ ڏنا وڃن،هڪ ڳالهه طئي آهي ته اسان جي ججن پاران  مراعتون وٺڻ کي ترجيح ڏنل آهي،خبر پئي آهي ته ججن کي نئين ماڊل جون هنڊاسوڪ ڪارون ڏنيون ويون آهن، هڪ گاڏي جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا آهي،جن ججن وٽ 2022 ماڊل جون گاڏيون هيون انهن کي به نين گاڏين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي،رولز مطابق 7 سالن کانپوءِ گاڏي تبديل ڪري سگهجي ٿي،اهي به خبرون اچن پيون ته ڪجهه ججن نيون گاڏيون وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي،هن چيو ته مون سپريم ڪورٽ جي پي آر او کان ان معاملي تي موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن پاران ڪو به جواب ناهي آيو،هاڻي ته ججن لاءِ باورچي به ڀرتي ٿي رهيا آهن،اهو دليل ڏنو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ ۾  17 جي جاءِ تي 25 جج اچي ويا آهن انهن جي خدمتن لاءِ باورچي ضروري آهن،ججن جون پگهارون 15 لکن مان وڌائي 27 يا 28 لک رپين تائين پهچي چڪيون آهن،هائوس الائونس به وڌايو ويو آهي،هاڻي چيني ماڊل جي تقليد لاءِ ججن کي تربيت خاطر چين موڪليو پيو وڃي،چين ۽ ترڪي ماڊل موجب حڪومت جي پاليسي سان ڪو متاثر ٿئي يا انساني حقن جي ڀڇڪڙي ٿئي ججن کي ان پاسي ڏانهن وڃڻو ناهي،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيني ماڊل اختيار ڪري ورتو آهي،وڪيلن کي به پلاٽ ڏيڻ جون تياريون هلي رهيون آهن،جڏهن ته ججن کي به پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،موٽروي تي سپريم ڪورٽ ايمپلائز سوسائٽي ۾ به هڪ لک رپين جي ادائيگي تي چار پنج ڪروڙن جو پلاٽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي ملي وڃي ٿو،ايگزيڪيٽو هڪ ٻه ارب ججن جي مراعتن تي خرچ ڪري عدليه پاران ملندڙ ٽف ٽائم کي زيرو ڪري ڇڏيو آهي،ڊان اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ به لکيو ويو آهي  ته عوام جو عدليه تي اعتماد تمام هيٺين سطح تي پهچي چڪو آهي،عام تاثر اهو آهي ته عدليه خوف ۽ دٻاءُ جي اثر مان نه نڪري سگهي آهي،هر چيف جسٽس سڌارن جي ڪوشش ڪئي پر عام شهري کي انصاف جو حصول اڃا تائين ممڪن نه بڻجي سگهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز اڱارو 29 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.