ڪراچي (رپورٽر ) وفاقي وزير احسن اقبال جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪندي چيو تھ مارشلا جي ڏکئي وقت ۾ ڪراچي پريس ڪلبجمهوريت سان نڀايو آهي، حڪومت هن سال فيصلو ڪيو آهي ته يوم آزادي ڏهاڙو ۽ معرڪه حق گڏ ملهائيندا سين، قوم ﷲ جو شڪر ادا ڪندي، دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلندي جي سطح تائين پهتو آهي، ڀارت کي جنون ۽ غرور هو ، اھو غرور چور چور ٿي ويو آهي،. ھن چيو تھ حڪومت 31 ڊسمبر 2024 تي اڙان پاڪستان جو وجود وڌو جيڪو ملڪ کي معاشي طور ڪامياب ڪندو. پاڪستان جي معيشت لاءِ آءِ ايم ايف سان پروگرام طئي ڪيو آهي، ڪو به ملڪ نه چاهيندو آهي ته آئي ايم ايف ڏانهن وڃي، گذريل سال کان ملڪ مسلسل بهتري ڏانهن وڃي پيو، بين الاقوامي ادارا به ان کي تسليم ڪن پيا، ، پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ دوست ملڪ پاڪستان کي ڇڏي ويا هئا شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ هاڻي سفارتي تعلق نه بهتر ٿي ويا آهن. هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي به ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هي روڊ 2022 تائين ٺهي وڃڻ گهرجي ها پر پي ٽي آئي جي حڪومت جي ڪري نه ٺهيو ٽن سالن ۾ ان کي مڪمل ڪيو ويندو، ھن وڌيڪ چيو تھ ڪراچي جي ڪي-4 منصوبي لاءِ 8 ارب مختص ڪيا ويا آهن، صوبائي حڪومت جو هڪ منصوبو به ان ڪي-4 سان جڙيل آهي اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاقي بجيٽ سڪڙجي پئي، سنڌ جو ترقياتي بجيٽ 11 سئو ارب ۽ پنجاب جو 12 سئو ارب بجيٽ آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت جو صرف هڪ هزار ارب بجيٽ آهي، اسان اڙان پاڪستان تحت هڪ منصوبو آڻيون پيا جنهن سان ملڪ جي پريس ڪلبن سان گڏجي صحافين لاءِ ٽريننگ جو پروگرام ڪنداسين وفاقي وزير صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته باني پي ٽي آئي سياسي قيدي ناهي ان خلاف ڌاڙي جا ثبوت موجود آهن، باني پي ٽي آئي کي به وزيراعظم نه آرمي چيف آزاد ڪري سگهي ٿو .