ڪامريڊ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي کي سرخ سلام

تحرير: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

ڪڏهن ڪڏهن ڪو ماڻهو رڳو انسان نه، پر هڪ عزم، هڪ آواز، ۽ هڪ احساس بڻجي ويندو آهي ڪامريڊ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي اهڙو ئي هڪ ناياب وجود هو، جيڪو هاڻ اسان سان ظاهري طور موجود نه آهي، پر هو پنهنجن جذبن، جدوجهد، سوچ ۽ سچائي سان هميشه لاءِ تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي.

ڪامريڊ! تو غربت جي اونداهين مان اُڀري، اڪيلي، خوددار، محنتي ۽ اصولي زندگي گذاري، ۽ بنا ڪنهن آسائش جي ڊاڪٽر بڻجڻ تائين جو سفر طئي ڪيو. تو زندگيءَ ۾ نه عيش کي چاهيو، نه مانيءَ جي لاءِ ڪڏهن ماتم ڪيو، نه ڪڏهن خواهشن جي پويان ڀڳئين. تون انهن مان هئين، جيڪي پنهنجي لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئندا آهن.

تنهنجي اوطاق، تنهنجو دل، تنهنجا در، تنهنجو وقت، سڀ ڪجهه ٻين لاءِ وقف هو. تون انهن ماڻهن مان هئين، جيڪي پنهنجي ماروئڙن لاءِ رات جو اوجاڳا ڪندا آهن، ۽ انهن جي ننگن پيرن لاءِ چَپَل خريدڻ جون تمنائون  دل ۾ کڻندا آهن. تون انهن اڳواڻن مان هئين، جيڪي نه ٺڳ هوندا آهن، نه سوديباز، ۽ نه ئي اصولن جو سودو ڪندا آهن. تنهنجو خيال، تنهنجو ڏک، تنهنجي محبت، هر شيءِ ڌرتي سان وابسته هئي.

تون ته اُن گئس فيلڊ تان گُذرندڙ ڌارين تي به ناراض هئين، جيڪي تنهنجي ڌرتيءَ مان دولت کڻي ويندا هئا، ۽ تنهنجي سامهون بندوق تاڻي بيهندا هئا. تنهنجي اکين ۾ ٻرڪ هئي، زبان تي سچ، ۽ وجود ۾ بيباڪي. توکي سڀ موقعا ملي سگهن پيا، پر تون انهن ماڻهن مان نه هئين، جيڪي جدوجهد کي ڪيش ڪرائن. تون ساڳي سچائي، ساڳي اصولن، ساڳي اميد سان پنهنجي راهه تي هلندو رهين، جيتوڻيڪ دنيا جا "بي شرم” پنهنجا پيٽ ڀريندا رهيا.

تون پنهنجي نياڻين ۽ پٽن جي پرورش اهڙي محبت سان ڪئي، جيئن ڪير پنهنجي وطن سان ڪندو آهي. تون پنهنجن ٻچن وانگر، هر ان ماڻهوءَ لاءِ فڪر مند هوندو هئين، جيڪو مظلوم، مجبور يا لاوارث هو. تون اڳواڻ هئين، پر امير نه، تون اثرائتو هئين، پر لالچي نه، تون بهادر هئين، پر تشدد کان پاڪ.

تو سڄي حياتي سنڌ لاءِ وقف ڪئي. رات جا اوجاڳا، ڏينهن جا پنڌ، سياسي وفائون ۽ بيوفائون، ساٿين جا ڌوڪا، اقتدار جي واٽن جي روڪ، سڀ ڪجهه ته ڏٺئي، پر نه مايوس ٿئين، نه پوئتي هيٺئين ۽ نه تو وساريو ته تون سنڌ جي ماءُ جو پٽ آهين.

ها، تون شهادت لاءِ به تيار هئين، پر اها شهادت به تنهنجي قسمت ۾ نه آئي.شايد ڌرتي ماءُ تن کي پاڻ ۾ سمايو ان وقت، جڏهن تون اڳ ئي امر بڻجي چڪو هئين. اسان  توکي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

اڄ تون نه آهين، پر تنهنجي خيال، تنهنجي ڳالهه، تنهنجو آواز، تنهنجا لفظ، تنهنجا قدم اڃا به ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ٻڌڻا ٿا اچن.تون جنهن "سنڌ ديس” لاءِ جيئندو رهئين، ان جي هنج هاڻ توکي سنڀالي رهي آهي.اسان کي يقين آهي ته تون جتي به آهين، اُتي سڪون ۾ آهين، آزاديءَ ۾ آهين، ۽ تون ڏسندين ته اسان توکي وساري نه سگهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.