شانتي جي موت جهڙا ڪيس، سماجي الميو آھن

تحرير: حسين آزاد

دنيا ۾ انسانيت جو احساس تڏهن تڙپي اٿي ٿو جڏهن سجاول جي سعيد پور جي قبرستان ۾ شانتي جي جنسي تشدد جي موت ٿيل جو مڙھ بي حسي جي عالم ۾ دفن ٿئي ٿو ۔ ڪيڏي ستم جي ڳالهه آھي جو اسان جي سماج ۾ ڪڏهن بلوچستان جي بانو هجومن ۾ بي گناھ گولين جو کاڄ ٿي بنجي ته ڪڏهن شانتي پنهنجي مڙس هٿان جنسي تشدد تي تڙپندي تڙپندي پساھ ٿي ڏي ۔ هي شانتي ته سوشل ميڊيا تي وائيرل ٿي ۽ سنڌ واسين جي سماج تي هڪ بدنما داغ ڇڏي ويئي پر خبر نه آھي سنڌ جي سماج ۽ معاشري ۾ ڪيتريون شانتون لڪ چپ ۽ غيرت جي نالي تي شانتي سان رات وچ ۾ گوگهاٽجي موت جو شڪار ٿي قبرستان جي حوالي ٿين ٿيون ۔ سچ پچ بي وسي  جي ڳالهه اهيا آھي ته اسان جو قانون جي حرڪت کان ويندي سماجي اسٽيڪ هولڊرن سطح کان اين جي اوز تائين اربين روپين جا پروجيڪٽ عورتن جي حقن ۽ سماج ۾ شعوري سطح وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندي خرچ ڪيا ويا آھن ۔  پر سنڌ جي سماجي شعوري ليول اڄ تائين ڍڳو پير پيران آھي ۔ ان سان گڏ عورتن جو سماجي تنظيمون توڙي مرداڻي سماج ۾ عورتن سان ناانصافي  تي ٻڌل ادارا اهو نتيجو نه ڏئي سگهيا آھن، جو سنڌ مان جنسي حراسمنٽ  ۽ بليڪ ميلنگ کي گهٽائي سگهجي ۔ حقيقت اهيا آھي ته جن معاشرن ۾ تعليم جي اڻاٺ لاشعوري بي روزگاري بي ترتيب زندگي ۽ ڪرپشن هجي اتي پورو سماج ڊپريشن افسردگي، احساسي ڪمتري ، وسوسن ، وهمن ،جهڙين ذھني ناسور ۾ ورتل هوندو آھي ۽ ڪئين نفسياتي بيماريون جنم وٺن ٿيون ،جنهن ڪري فردن جي وچ ۾ ھم آھنگي صبر برداشت ۽ نفع نقصان جي پرک مفلوج بڻيل هوندي آھي، ان ڪري شانتي جهڙا ڪيس سماج ۾ رونما ٿين ٿا ۔  ڪنوار  شانتي کي شادي جي ٻي رات جنوني گهوٽ اشوڪ ايڏي بي حسي سان جنسي ظلم جو نشانون بڻائي  ٿو ، جو سمجھه ۽ گمان ۾ ڳالهه نٿي اچي ته اشوڪ جهڙن گهوٽن جي ذھن ۾ ڪهڙو  انتقامي بارود بهريل هوندو آھي، جو اهي شادي جي ٻئي رات پنهنجي نئين ڪنوار کي ايڏي  اذيت ناڪ تشدد ڪندي موت جي وادي ۾ ڌڪيلي ڇڏين ٿا ۔ شانتي جي 15 جون تي شادي ٿي آھي ۽ 24  جولاءِ تي ڪراچي جي ٽراما سينٽر اسپتال دم ڏي ٿي ۔  ٿورو تصور ڪجي ته جنهن شانتي مهشوري جي شادي جا ڏينهن ٻڌا هوندا ۽ هو پنهنجي نئين زندگي گذارڻ جا خواب کڻي پنهنجي ور وٽ اچي گود پوي ٿي ۽ سندس احساسن ۾ هڪ گهوٽ ٻيو سندس روح رات جي اونداهي پيٽ ۾ هڪ ڪمري ۾ جيڪي ڪجهه مٿانس گذريو اهو ان رات سندس دنيا جي قهري قيامت هوندي ۔

شانتي مهشوري  جي چيخون  جڏهن آسمان ۽ دنيا جي پالڻھار تائين پهتيون هونديون ته يقينن آسمان به روئي ڏنو هوندو ۽ ڌرتي تڙپي اٿي هوندي ، پر ان وحشي صفت انسان کي رحم نه آيو ۽ انتقام واري خواهش ظلم جي حدن کي پار ڪندي نيٺ شانتي جي اذيت ناڪ موت جو مرتب بنجي ٿي۔ انساني فطرت ۾ انا پرستي تعصب پرستي ڪوڙي غيرت پرستي ڪو ڄمندي ڄام کان نه هوندي آھي پر هي سڀ ناسور بيمار سماجن جا هٿرادا  پيدا ڪيل هوندا آھن ۔ هاڻي سوال هي آھي ته اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪجي ؟ جنهن جو جواب آھي تعليم علم ۽ شعور تحت روڪجي سگهجي ٿو  ۔ هاڻي هتي سمجهڻ جي هي ڳالهه آھي ته اهو ڪهڙو علم گهرجي جو اهڙن واقعن ڪندڙن جي احسان کي جنجهوڙي جو اهي فرد جيڪي شڪ ، وهم وسوسن ،ڪوڙي غيرت ، اناپرستي ، آپشاهي خود قاضي بنجي غلط عملن ڪرڻ تي پشماني جي بجاء فخر محسوس ڪن ۽ گناھ کي گناھ ئي نه سمجهن ۔ ۽ انهن جي ذھني ڪيفيت تي ڪيئن اثر پوي  ، ته هي صرف انساني انا خودغرضي ،اندروني شيطان گيري ، جي آبياري کان سواءِ ڪجهه به نه آھي ۽ اسان کي جنون ۾ وجهندڙ احساس صرف اسان جي اندر جو غلط شڪ آھي ۔ ڏٺو وڃي ته سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني غلط روين ، رسمن ، رواجن ،شڪن ،وهمن وسوسن جو  شڪار رهيو آھي ۽ ان جو بنيادي سبب معاشي رهيو آھي ۔ جيترو وڌيڪ غريب آھي اهو اوترو  ئي انهن دقيانوس خيالن ۽ نفسياتي هيجان ، ذھني ڪشمڪش، ڊپريشن  ۾ مبتلا رهيو آھي ۽ اهڙا مظلوم تي وحشي پڻي جا واقعا اڪثر ٻھراڙي جي علائقن ۾ ٿين ٿا۔ جن جي معاشي حالت بدتر آھي ، ڇاڪاڻ اهي پنهنجي غربت ڪري خاندانن جا خاندان ۽ نسل در نسل تعليم کان واجهيل رهن ٿا ۔ ۽ اهي بي علمي ۽ سماجي حثيت ۾ گهٽتائي کي محسوس ڪندي معاشري جي لکيل پڙھيل ۽ سمجهدار طبقي سان سماجي لاڳاپن ۽ صحبت ۾ نٿا اچن،  جنهڪري سندن طرز زندگي ۽ سوچن ۽ خيالن ۾ ترقي پسند تبديلي جو عنصر بلڪل نه هئڻ برابر آھي ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.