اسرائيل طرفان شام کي چئن حصن ۾ ٽوڙڻ جي رٿا

عالمي ميڊيا  ۾ مسلسل اھي خبرون اچي رھيون آھن تھ اسرائيل شام ۾ رجيم چينج ڪرڻ بعد ھاڻي شام کي ٽوڙڻ جي رٿابندي ڪري ورتي آھي. آھستي آھستي ان تي عمل ٿي رھيو آھي.ترڪي ميڊيا اسرائيل جي ھڪ مبينا رٿا بابت خدشن کي ظاھر ڪيو آھي.جنھن جو مقصد شام کي ‘ورهائڻ’ يا  ‘ٽڪرا ڪرڻ ‘  آھي.ڪجهه ترڪ تجزيھ ڪندڙن   اسرائيل جي ان مبينا رٿا  ‘ڊيوڊ ڪوريڊور’ تي تنقيد ڪئي آهي. جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اسرائيل کي ڏکڻ شام جي دروز آبادي وارن علائقن ۽ اتر شام جي ڪرد آبادي وارن علائقن سان ڳنڍڻ آهي. ياد رھي تھ ترڪي موجوده شامي حڪومت جو حامي آهي ۽ دمشق ۾ طاقت جي مرڪزي محور جو حامي آھي. ترڪي شام ۾ ڊي سنٽرلائيزڊ يا غير مرڪزيت واري سرڪار جو مخالف آهي. ‘ڊيوڊ ڪوريڊور’ ڇا آهي ؟ جيتوڻيڪ اسرائيل سرڪاري طور تي ‘ڊيوڊ ڪوريڊور’ نالي ڪنهن به اسٽريٽجڪ منصوبي جي تصديق نه ڪئي آهي،پر  علائقائي مبصر ۽ تجزيه ڪار ان کي شام ۾ اسرائيلي هوائي حملي، گولان جي بلندين جي ويجهو اسرائيلي فوج جي مقرري ۽ ڏکڻ شام ۾ اسرائيلي اثر  وڌائڻ جي نشاني قرار ڏئي رهيا آهن. ‘ڊيوڊ ڪوريڊور’ يا حضرت دائود جي نالي سان راھداري  جو مبينا رستو، اسرائيل کي گولان جي جبلن کان اتر شام جي ڪرد علائقن تائين  ڳنڍڻ واري ڪاريڊور جو نالو آھي.

”دي ڪريڊل“ جي صحافي مهدي ياغي لکي ٿو ته ‘نظرياتي طور تي ان رٿا جون پاڙون ‘گريٽر اسرائيل’ جي خواب ۾ کتل آهن اھو ھڪ وسيع تصور آھي.جيڪو صهيونزم جي باني، ٿيوڊور هرزل سان منسوب آهي. هي وزن مصر ۾ نيل ندي کان عراق ۾ فرات ندي تائين پکڙيل بائبل جي نقشي تي بيٺل يا ٻڌل آھي.’اسرائيلين ۽ وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو اڳ ئي  واضح ڪري چڪا آھن تھ سندن ملڪ پنهنجي اترين سرحدن جي ويجهو شامي فوج يا ايراني حامي گروهن جي موجودگي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندو، ۽ انهن قدمن کي سيڪيورٽي ۽ دروز برادري جي حمايت جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي.ماھرن جو خيال آھي تھ ڪي ملڪ ان جي مذمت تھ ڪري رھيا آھن، پر خاموش طور اسرائيل جي حمايت بھ ڪن پيا.ترڪي، ايران، روس ۽ عرب ليگ جي ميمبرن اسرائيل تي فوجي ڪارروائي ذريعي علائقائي سرحدون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام پڻ لڳايو آهي.اسرائيل 16 جولاءِ تي شام جي صدارتي محل، شام جي دفاع واري وزارت ۽ دمشق ۾ شامي فوج جي هيڊ ڪوارٽر تي هوائي حملا ڪيا ھئا.ترڪي کي ڊپ آهي ته اسرائيل اتر شام ۾ دروز برادري ۽ ڪردن جي مدد سان ڏکڻ شام ۾ خودمختيار علائقا قائم ڪرڻ ۽ انهن کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

جيتوڻيڪ ڏکڻ شام ۾ اسرائيل جي موجودگي جي حد ۽ ان جا ڊگهي مدت جا مقصد اڃا تائين چٽا نه آهن، اهڙيون  ڪارروايون علائقي ۾ تڪرار وڌائي رهيون آهن ۽ شام جي سالميت  بابت سوال اٿاري رهيون آهن.ماھرن موجب صورتحال شام ۾ اثر وڌائڻ لاءِ وڏين طاقتن ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، جتي اسرائيل، ايران، آمريڪا ۽ روس جهڙا ملڪ پنهنجي مرضي مطابق ڳجهي يا غير رسمي حڪمت عملين ذريعي اڳتي وڌي رهيا آهن.ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان 17 جولاءِ تي چيو هو ته ترڪي "شام جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندو،” ۽ انقره "شام جي علائقائي سالميت، متحد حڪومتي ڍانچي ۽ گهڻ ثقافتي سڃاڻپ” جي حمايت تي زور ڏنو.

بي بي سي جي ھڪ رپورٽ موجب ترڪي عرصي کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته ڪرد جي اڳواڻي ۾ سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز (ايس ڊي ايف) خودمختياري جي پنهنجي مطالبن کي ڇڏي ڏين ۽ مرڪزي حڪومت ۾ شامل ٿين. 18 جولاءِ تي ترڪي اخبار حريت جي ليکڪ عبدالقادر سلوي لکيو ته اسرائيل شام کي چئن آزاد رياستن ۾ ورهائڻ چاهي ٿو. جنھن ۾ڏکڻ ۾ دروز برادري لاءِ هڪ خودمختيار رياست، اولهه ۾ هڪ علوي علائقو، مرڪز ۾ هڪ سني عرب علائقو ۽ اتر ۾ هڪ ڪرد رياست شامل هوندي.چيو ٿو وڃي تھ اسرائيل جي ڀر واري شامي صوبي ۾ دروز اڳواڻ شيخ حڪمت الحجري.اسرائيل جو حامي آھي. شام ۾ دورز اقليت جي حمايت ڪرڻ اصل ۾ اسرائيل جي چال آھي. جنھن جو اصل مقصد انھن کي شام خلاف ڀڙڪائي سگھجي.جيڪو عمل ٿي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.