عورت مارچ اڳواڻن پاران مڙس جي تشدد ۾ فوت ٿيل ڪنوارلاءِ انصاف جو مطالبو

ڪراچي( رپورٽر)عورت مارچ جي اڳواڻن ڪراچي ۾ مڙس جي جنسي تشدد سبب فوت ٿيل ڪنوار لاءِ انصاف جو زور ڀريو آهي. عورت مارچ ڪراچي پاران هڪ سخت بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 19 سالن جي نياڻي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪيترن ڏينهن تائين ڪوما ۾ رهڻ کانپوءِ اربع ڏينهن فوت ٿي وئي. اڳواڻن چيو آهي ته متاثر نياڻي جي ڀاءُ جي فرياد تي پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، پاڪستان  پينل ڪوڊ جي سيڪشن 324 (اقدامِ قتل) ۽ 376-بي (زيادتي جي سزا) تحت. ف آءِ آر ۾ ڀاءُ الزام لڳايو ته سندس ڀيڻ کي مڙس بي رحماڻي جنسي تشدد ۽ "غير فطري جنسي عمل” جو نشانو بڻايو. عورت مارچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان غمگين آهيون، اسان کي ڏک ٿيو آهي، اسان جي دل ٽٽي پئي آهي. بيان ۾ متاثر نياڻي سان ٿيل ظلم کي اجاگر ڪندي چيو ويو ته هڪ ٻي نياڻي ظلم جو شڪار ٿي وئي، ريپ ڪلچر جي نالي تي ٻي جان وڃائي وئي. بيان ۾ زور ڀريو ويو ته اهو ڪو ’ذاتي، گهريلو مسئلو‘ ناهي، پر بي رحماڻو، سوچي سمجهي ڪيل تشدد آهي.عورت مارچ فوت ٿي ويل نياڻي جي مڙس جي ڪٽنب جي گرفتاري، نجي اسپتال جو لائسنس معطل ڪرڻ جي مطالبي سان گڏ، متاثر نياڻي جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کي طبي لاپرواهي ۽ معاملو لڪائڻ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۽ اسپتال، ڊاڪٽر ۽ عورت جي ساهرن خلاف آزاد ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نياڻي جي ڳوٺ ۾ تدفين کان پوءِ جڏهن سندس خاندان واپس ايندو، تڏهن اسان روڊن تي نڪرنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.