نئين ڪنوار شانتي جي وحشي مڙس پاران ڏوهه جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽر) لياري ۾ نئين شادي بعد وحشياڻي جنسي تشدد ۾ فوت ٿي ويل ناري شانتي جي تشدد ڪيس ۾ جوابدار اشوڪ کي  جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جوابدار جو آرٽيڪل 164جي بيان قلم بند ڪيو، جنهن دوران هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جنهن بعد عدالت کيس جيل موڪلي ڇڏيو، ياد رهي ته ناري شانتي 20 ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ بعد ٻه ڏينهن اڳ علاج دوران فوت ٿي وئي، جوابدار خلاف آرٽيڪل 302 تحت ڌار ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدار خلاف بغدادي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.