حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد انتظاميا پاران قديمي شهري علائقن ۾ موجود زبون خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن کي خالي ڪرائڻ وارو آپريشن جاري آهي، ھيرآباد ۽ ڀرڳڙي روڊ تي ٻن جدا جدا عمارتن کي ڊاهڻ کانپوءِ ڪالھه ٻين وڌيڪ عمارتن کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، اي سي سٽي بابر صالح راهپوتو جي اڳواڻي ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن سان گڏ سينٽ ميري اسڪول لڳ اسٽين روڊ ، قاضي قيوم روڊ ٻن عمارتن ۽ ميمڻ اسپتال واري علائقي جي به ٻن عمارتن سميت 4 عمارتن خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي، ڪارروائي پوليس جي وڏي نفري به موجود هئي،انهي دوران اسٽيشن روڊ تي موجود ٻن عمارتن جي خالي پيل حصن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن عمارتن رهواسين پاڻمرادو خالي ڪرائڻ جي خاطري تي کين مهلت ڏني وئي.