اسلام آباد(بيورو+م ڊ) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته فلسطين جي صورتحال تي خاموشي سان مسلمان ملڪ اصل ۾ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيا آهن، ابراهم معاهدي ڏانهن وڌڻ جي ڪوششن جي مزاحمت ڪندا، گڏيل قومن جي قراردادن جي موجودگي ۾ ڪشمير تي ٽرمپ جي ثالثي جي ڪهڙي ضرورت آهي، اقوام متحده جي قراردادن جي موجودگي ۾ڪشمير تي ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ توهين رسالت جي قانون کي ختم ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي تحفظ ڏيڻ جي سازشن خلاف مضبوط آواز اٿارڻ گهرجي، حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن ملڪ مان وياج جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن، انهن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان اسلام آباد ۾ ملي يڪجهتي ڪائونسل پاران منعقد ڪيل مجلس قائدين جي اجلاس ۽ قومي مشاورت کي خطاب ڪندي، هن چيو ته مسلم امت ۽ ملڪ کي درپيش موجوده صورتحال ۾ هڪ مضبوط ۽ جاندار موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اڄ ڪٿي آهن اهي مغربي ملڪ جيڪي جانورن جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا؟ دنيا ۾ ضمير جا ماڻهو فلسطينين جي حق ۾ آواز بلند ڪري رهيا آهن، اسان کي افسوس آهي ته فلسطين جي صورتحال تي خاموشي سان مسلمان ملڪ اصل ۾ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيا آهن. اسان کي به پنهنجي حڪمرانن کي جاڳائڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي.