پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾واپاري معاهدي تي باضابطه طور صحيحون

ڪابل(م ڊ)پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي باضابطه صحيحون ٿي ويون آهن،افغان سفارتخاني مطابق، افغانستان جي نائب وزير صنعت ۽ واپار ملا احمدالله زاهد معاهدي تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته پاڪستان طرفان سيڪريٽري ڪامرس جواد پال صحيحون ڪيون،سفارتخاني ٻڌايو آهي ته معاهدي تحت ٻنهي ملڪن جي چار-چار برآمدي شين تي ٽيڪسن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔ ان تحت انگور، انار، سيب ۽ ٽماٽر تي پاڪستاني درآمدي ٽيرف 60 سيڪڙو کان گهٽائي 27 سيڪڙو ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستاني انب، زيتون، ڪيلا ۽ آلو جي افغان درآمد تي ٽيرف به 27 سيڪڙو تائين محدود ڪيو ويو آهي، سفارتخاني موجب، هي معاهدو هڪ آگسٽ 2025ع کان لاڳو ٿيندو ۽ هڪ سال لاءِ موثر رهندو۔ معاهدو تجديد جوڳو آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ شين کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.