لاهور(م ڊ) خديجا شاه صحافي اسد طور سان گفتگو ڪندي چيو ته "سڀ کان پهرين ته مان پاڻ بلوچستان جي جيل ۾ هڪ مهينو رهي. اهو منهنجو پهريون ذاتي تجربو هو بلوچ عوام سان. جڏهن مون کي ڪوٽ لکپت جيل مان ويگو گاڏي ۾ 18 ڪلاڪ سفر ڪرائي بلوچستان وٺي وڃو ويو ته جيڪي پوليس وارا گڏ هئا، اهي بلوچ هئا. انهن سان سڄي رستي ڳالهه ٻولهه ٿي.هن ٻڌايو ته ڪوئٽه ۾ جڏهن انهن جون پيشيون ٿينديون هيون ته ڳوٺن مان عام بلوچ ماڻهو انهن جي حمايت ۾ ايندا، هڪ بزرگ انهن کي چادر به ڏني. هن چيو ته "اسان کي سڄي زندگي اهو بيانيو ڏنو ويو ته بلوچ ڌاريو پسند ۽ دهشتگرد آهن، ڀارت انهن جي پٺڀرائي ڪري ٿو. پر جن ماڻهن سان مان مليس، اهي نهايت خوبصورت، همدرد ۽ درد دل رکڻ وارا ماڻهو هئا. خديجه شاه جو چوڻ هو ته هو پاڻ پنجابي هجڻ جي باوجود انهن ماڻهن جي حمايت ۽ محبت ڏسي حيران رهجي وئي. "تڏهن مون کي احساس ٿيو ته اسان کي جيڪو بيانيو ڏنو ويو، اهو غلط آهي. اسان کي ٻڌايو ويو ته هي ملڪ ٽوڙڻ وارا ماڻهو آهن، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.” مهارنگ بلوچ جي ڀيڻ سان ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي هن چيو ته انهن کي هي ڄاڻي حيرت ٿي ته مهارنگ کي به انهيءَ ئي ٿاڻي ۾ رکيو ويو آهي جتي هو پاڻ رهي چُڪي آهي، ۽ پوليس آفيسرن جا نالا به ساڳيا آهن. هن چيو ته "اهي ماڻهو اسلام آباد جي مين روڊ تي ويٺا آهن، مينهن ۾ ڀڄي رهيا آهن، پر ڪو به انهن وٽ نٿو اچي. مون کي قوم جي هن بي حسي تي افسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن مان اسلام آباد ۾ رهندي هجان ها ته روز انهن سان گڏ اچي ويهندي هيس.”خديجه شاهَ ميڊيا تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته "جنهن شخص کي هي چور، ڌاڙيل چون ٿا، اُن کي پوءِ حڪمران بڻائي ڇڏين ٿا، ۽ جنهن کي هيرو بڻائن ٿا، اُن کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو.”آخر ۾ هن چيو ته "بلوچ عوام کي سندن وسيلن تي پهريون حق ڏيڻو پوندو، سندن زمين تي سندن ملڪيت بحال ڪرڻي پوندي. بي بي واءِ سي ڪا دهشتگرد تنظيم ناهي، اُهي رڳو گم ٿيل ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اُهي دهشتگرد هجن ها ته جبلن ۾ لڪيل هجن ها، پر اُهي اسلام آباد جي روڊ تي ويهي پنهنجو حق گهري رهيا آهن.”