اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ماحوليات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ کي درپيش پاڻي جي بحران تي سخت خدشا ظاهر ڪيا آهن۔ هن چيو ته جيتوڻيڪ چوماسي جي موسم ۾ ڪجهه پاڻي موجود هوندو آهي، پر ان کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به جامع حڪمت عملي موجود ناهي۔ شيري رحمان خبردار ڪيو ته گڏيل قومن اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪستان 2025 تائين پاڻي جي انتهائي کوٽ جو شڪار ٿي ويندو، پر حڪومت جا ادارا هن نازڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن۔ هن ٻڌايو ته سيدپور جهڙن علائقن ۾ نالن تي اڏاوتون ڪيون ويون، جن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن. سينيٽر شيري رحمان انڪشاف ڪيو ته اڄ جي اجلاس ۾ هن سڀني صوبن کان پڇيو ته انهن وٽ ڪيترو پاڻي محفوظ آهي ۽ ڪيترا کوهه نئين سر بحال ٿي چڪا آهن پر لاڳاپيل عملدارن کي ان جو ڪو به علم نه هو۔ هن واضح ڪيو ته پاڻي وسيلن واري وزارت وٽ ملڪ ۾ پاڻي جي استعمال ۽ ذخيري بابت واضح نقشو هجڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان اهڙي ڪا به معلومات موجود ناهي۔ هن چيو ته بلوچستان ۽ چترال جهڙا علائقا مڪمل طور برائون زون ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ به زميني پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين هيٺ اچي چڪي آهي۔ سينيٽر وڌيڪ چيو ته اسان جا ٻئي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۽ ايران به پاڻي جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڀارت جي مودي حڪومت کليل لفظن ۾ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته پاڪستان جو پاڻي روڪي سگهي ٿي، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي مڪمل تياري رکڻ گهرجي۔ شيري رحمان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته "پاڪستان دنيا جو چوٿون ملڪ آهي، جيڪو پاڻي جي انتهائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر اسان جي تياري جو حشر اهو آهي ته 2022 جي ٻوڏ وانگر واقعن کان به اسان ڪوبه سبق نه سکيو آهي۔ اسان سوات کان وٺي ڊي ايڇ اي راولپنڊي تائين چوماسي کي منهن ڏيڻ جي به صلاحيت نٿا رکو.