کنڊ بحران:غريبن جي فائدي وقت آءِ ايم ايف جو خوف، سيٺين جي مفاد وقت آءِ ايم ايف نظرانداز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (پي اي سي) ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٻاهران کنڊ گهرائڻ لاءِ ٽيڪس 18 سيڪڙو کان گهٽائي 0.2 سيڪڙو ڪيو ويو، پي اي سي شوگر مل مالڪن جا تفصيل طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ڪنهن ڪنهن برآمد ڪئي، ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ڏانهن کنڊ برآمد ڪئي وئي. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن بابت بريفنگ ڏني وئي. ياد رهي ته پي اي سي گذريل هفتي حڪومت جي فيصلي جي روشني ۾ ٻاهران کنڊ گهرائڻ تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ بابت ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن تي نوٽيس ورتو هو ۽ چيئرمين ايف بي آر کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو ويو هو. ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ڪاميٽي ۾ پيش ٿي ڪري انڪشاف ڪيو ته 5 لک ٽن کنڊ گهرائڻ جي لاءِ ڪابينا جي هدايت تي 4 قسمن جي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، مختلف ٽيڪسن کي 18 سيڪڙو مان گهٽائي 0.2 سيڪڙو ڪيو ويو. سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پنجاب ۾ کنڊ جو ريزڪي اگهه 177، سنڌ ۾ 180، خيبر پختونخواهه ۾ 185 ۽ بلوچستان ۾ 183 روپيا في ڪلو هو. ڪاميٽي جي ميمبر معین پيرزادا چيو ته شوگر مافيا صوبائي حڪومتن جي وس کان ٻاهر آهي، ڇا مراد علي شاهه يا مريم نواز وٽ ان مافيا خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي؟ شوگر ايڊوائزري بورڊ ۾ سڀئي وڪرو ڪندڙ ويٺل آهن پر صارفين جي ڪا به نمائندگي ناهي. ڪاميٽي سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ ڪنهن ڪئي؟ ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ملڪن ڏانهن کنڊ برآمد ڪئي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال 7.5 لک ٽن کنڊ برآمد ڪئي وئي. سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي ٻڌايو ته 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، هاڻي 3 لک ٽن درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته توهان هر فيصلو آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪندا آهيو، ڇا کنڊ پيدا ڪندڙ سيٺن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ به آءِ ايم ايف کان اجازت ورتي وئي آهي؟ سوال ڪيو ويو ته ڇا ٽئڪس گهٽائڻ سان آءِ ايم ايف ڪاوڙ نه ڪندو؟ سرمائيدارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي پرواهه ناهي هوندي باقي عوام کي فائدي لاءِ آءِ ايم ايف جو خوف ڏياريو ويندو آهي. سيڪريٽري ٻڌايو ته هن سال 58 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿي، جيڪا ملڪ جي ضرورت جي برابر آهي. ڪاميٽي سوال ڪيو ته اڳ ۾ برآمد ۽ پوءِ درآمد جو فيصلو ڪنهن ڪيو؟ سيڪريٽري ٻڌايو ته کنڊ جي برآمد ۽ درآمد جو فيصلو وفاقي وزير ڪيو، جنهن جي منظوري ڪابينا ڏني، هن ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ کنڊ جو پرچون اگهه 183 روپيا في ڪلو آهي. ميمبر نويد قمر چيو ته حڪومت کي کنڊ جي اگهن ۾ مداخلت ڪرڻ بدران ڪارٽيلن تي ضابطو آڻڻ گهرجي. مقابلي وارو ڪميشن ڇا ڪري رهيو آهي؟ ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڀاڻ جا سڀ کان وڏا ڪارٽيل موجود آهن، حڪومت جي مداخلت سان انهن کي ئي فائدو ٿو ٿئي. سيڪريٽري ٻڌايو ته سيزن جي شروعات ۾ 13 لک ٽن کنڊ جو ذخيرو موجود هو، برآمد جي اجازت آبادگارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڏني وئي هئي. ان بيان تي ڪاميٽي جي ميمبرن خدشن جو اظهار ڪيو. چيئرمين پي اي سي جنيد اڪبر چيو ته ڪجهه شوگر مل مالڪن کي ارب پتي بڻائڻ لاءِ کنڊ برآمد جي اجازت ڏني وئي هئي. پي اي سي کنڊ جو معاملو ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.