مستونگ(م ڊ)مستونگ ۾ قومي شاهراهه تي بلوچستان ڪانسٽيبولري جي آفيسر جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪارشهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، ترجمان حڪومت بلوچستان، شاهد رند موجب، فائرنگ قومي شاهراهه تي ٿي، جنهن ۾ ڪانسٽيبلري جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، شاهد رند ٻڌايو ته ابتدائي طور حملو قائم مقام ڊي ايس پي جي گاڏي تي ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ موجود آهن ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، پوليس موجب، فائرنگ ۾ شهيدن جو انگ 2 ٿي ويو آهي، جن ۾ ايڪٽنگ ڊي ايس پي عبدالرازق ۽ سپاهي راز محمد شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي.
ته زخمي اهلڪار اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.