روهڙي ڀرسان سنڌو درياهه ۾ وهنجندي ٽي نوجوان دوست ٻڏي فوت

روهڙي(رپورٽ: عبدالغفار ڇڄڻ) روهڙي ڀرسان سنڌو درياهه ۾ وهنجندي ٽي نوجوان دوست ٻڏي فوت ٿي ويا، هي المناڪ سانحو مال پڙي وٽ پيش آيو جتي مراد شاهه ڦاٽڪ بشيرآباد جا رهواسي ٽي نوجوان درياهه ۾ وهنجڻ لاءِ آياهئا جيڪي وهنجندي گَهري پاڻي ۾ هليا ويا ۽ ٻڏي ويا، واقعي جي خبر باهه وانگر پکڙجي وئي، فوتي نوجوانن جا دوست وارث مٽ مائٽ ۽ علائقائي ماڻهو وڏي انگ ۾ درياهه ڪناري گڏ ٿي ويا، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوشش بعد ٽنهي نوجوانن جا لاش هٿ ڪيا ويا، سندن سڃاڻپ محمد سعاد ولد محمد فهيم عباسي عمر 18 سال، محمد اسحاق ولد نور محمد ملڪ عمر 19 سال ۽ محمد نويد ولد اڪرم ملڪ عرف پپو عمر 27 سال طور ٿي آهي، سندن لاش تعلقه اسپتال روهڙي مان ڪارروائي بعد گهر پهچايا ويا، ٽيئي دوست ننڍپڻ جا ساٿي هئا، سندن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻي پاسي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته درياهه جي ڪنارن تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا وڃن ته جيئن اهڙن المناڪ واقعن کان بچي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.