آمريڪا پهلگام حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ گروهه کي عالمي دهشت گرد قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا والاريل ڪشمير جي علائقي پَهَلگام ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ گروهه ” دي رزسٽنس فرنٽ“کي غير ملڪي دهشتگرد تنظيم  ۽ خاص طور نامزد عالمي دهشتگردقرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت جي خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ڀارت جي انهيءَ موقف جي حمايت ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نئين دهلي دعويٰ ڪئي هئي ته هي نئون ۽ گهٽ سڃاتل گروهه اصل ۾ پابندي مڙهيل لشڪرِ طيبه جي ’فرنٽ ۽ پراڪسي‘ آهي. ڀارت لشڪرِ طيبه تي 2008 جي ممبئي حملن سميت ڪيترن ئي ڪارروائين جو الزام به لڳائيندو آهي، جڏهن ته آمريڪا اڳ ۾ ئي ڊسمبر 2001 ۾ لشڪرِ طيبه کي FTO جي فهرست ۾ شامل ڪري چڪو آهي. هي نئون گروهه پهريون ڀيرو 2020 ۾ سامهون آيو، جڏهن ان وقت جي ڀارتي آرمي چيف جنرل ايم ايم نراوَني پاڪستان تي ڪشمير ۾ نئين دهشتگرد تنظيم ٺاهڻ جو الزام لڳايو هو. هن چيو هو ته هيءَ ٻي دهشتگرد تنظيم آهي، صرف نالو مختلف آهي، ۽ هي سرحد پار موجود پراڪسيز جي مدد سان ڪم ڪري ٿي. پاڪستان انهيءَ الزام کي فوري طور رد ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت جي قومي سلامتي جي تحفظ، دهشتگردي خلاف قدمن ۽ پهلگام حملي جي انصاف جي گهرج جي عڪاسي ڪن ٿا. تازو ئي ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته پاڪستان انهيءَ گروهه خلاف ڀارت سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان دوران ڪرن ٿاپر اهو به دعويٰ ڪيو ته ڀارت گڏيل قومن ۾ انهيءَ گروهه کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر چين پاڪستان جي حمايت ڪندي ان قدم کي روڪي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.