ڪراچي(رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي قيمت ٻيهر وڌي وئي آهي، جتي 10 گرام سون 2143 رپيا ۽ في تولو 2500 رپيا مهانگو ٿي ويو، تفصيل موجب عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ ٻه ڏينهن جي گهٽتائيکان پوءِ سوني جا اگهه ٻيهر وڌي ويا،آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلرز ايسوسيئيشن مطابق، اڄ في توله سوني جي قيمت 2500 رپيا اضافي سان 3 لک 57 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي،10 گرام سوني جي قيمت به 2143 رپيا وڌي 3 لک 6 هزار 584 رپيا ٿي وئي،عالمي مارڪيٽ ۾ به سوني جو اگهه 25 ڊالر اضافي سان 3351 ڊالر في اونس تائين پهچي ويو.