اليڪٽرڪ گاڏين سان ٻارڻ جي مد ۾ اربين ڊالر جي بچت ٿيندي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اليڪٽرڪ گاڏين کي عام ماڻهو تائين پهچائڻلاءِ حڪومتي سطح تي جامع لائحه عمل تيار ڪيو وڃي، ڇو⁠ته اليڪٽرڪ گاڏين جي حوصلا افزائي سان ٻارڻ جي مد ۾ اربين ڊالر جو قيمتي ناڻي جي مٽاسٽا بچندو، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي ۽ مقامي صنعت کي هٿي ملندي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي حوصلا افزائي، اليڪٽرڪ بائيڪس، رڪشا ۽ لوڊرن جي فراهمي لاءِ حڪومتي معاونت بابت جائزي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، عطا الله تارڙ، معاون خصوصي هارون اختر،چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا،وزيراعظم هدايت ڪئي ته حڪومت وفاق سميت ملڪ جي سڀني تعليمي بورڊن جي ٽاپرز کي اليڪٽرڪ بائيڪس فراهم ڪندي، جڏهن⁠ ته بي روزگار ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار لاءِ اليڪٽرڪ رڪشا ۽ لوڊرن جي فراهمي ڪئي ويندي،  هن زور ڏنو ته ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي پيداوار ۽ سار سنڀال لاءِ مڪمل ايڪو سسٽم ٺاهيو وڃي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي ورهاست ۽ حڪومتي معاونت واري طريقيڪار جي ٽئين ڌر کان تصديق ڪرائي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته معاشي طور ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏني وڃي، حڪومتي معاونت واري اسڪيم بابت عوامي آگاهي مهم هلايو وڃي.

، ۽ اسڪيم تحت ڏنل اليڪٽرڪ بائيڪس، رڪشا ۽ لوڊرن جي بهترين معيار ۽ سيڪيورٽي معيار کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ آسان شرطن تي قرض ذريعي هڪ لک کان وڌيڪ اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ 3 هزار کان وڌيڪ رڪشا ۽ لوڊرن جي فراهمي ۾ عوام جي مدد ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.