ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ امپريس مارڪيٽ ويجهو خطرناڪ قرار ڏنل عمارت کي خالي ڪرائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ايس بي سي اي کان 28 جولاءِ تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته 2020 کان خالي ڪرائڻ جو عمل شروع ٿيو، پر اڃا مڪمل ڇو نه ٿيو؟ جسٽس حسن اڪبر رمارڪس ڏنا ته سفارش ۾ 4 مان فقط ٻن ميمبرن جا نالا ۽ صحيحون آهن، ڇا ٻين کي شرم اچي ٿو؟ عمارت جو مالڪ ڪٿي آهي، اهو سامهون ڇو نٿو اچي؟ ڪڏهن ڪڏهن مالڪ به اهڙا طريقا استعمال ڪندا آهن جيئن عمارت خالي ڪرائي سگهجي. عدالت ثقافت کاتي کان به راءِ گهري، جڏهن ته ايس بي سي اي جو موقف هو ته جيڪڏهن عمارت خطرناڪ هجي ته هيريٽيچ اين او سي جي ضرورت ناهي. عدالت سوال ڪيو ته مرمت دوران رهواسين جو ڇا ٿيندو؟ جسٽس فيصل ڪمال واضح ڪيو ته قانوني طريقيڪار کانسواءِ خالي ڪرائڻ جو حڪم نه ٿي ڏئي سگهجي. عدالت انسپيڪشن نوٽيس، خطري واري قرار ڏيڻ جو طريقو ۽ رهواسين جي حقن بابت مڪمل رپورٽ طلب ڪئي آهي.