ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر+ آزاد لال حسين) آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي لوڪ ورثو ڪميٽي پاران آرٽس ڪائونسل جي معين الدين حال ۾ سنڌ جي بيباڪ ليکڪ، صحافي فقير محمد لاشاري جي 32 ھين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ فقير محمد لاشاري جو ڪتاب "ڏٺي ڏينھن ٿيام” جي مھورت ڪئي وئي، تقريب جي صدارت سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي مقبول ھاليپوٽي چيو ته اسان حر تحريڪ کانپوءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پنھنجو پاڻ ملھايو، فقير محمد لاشاري جو صحافت ۾ پورھيو آھي اسان کيس ساھ جي آخري گھڙي تائين ياد رکنداسين. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو چيو ته دنيا ۾ فلسطين ۽ سنڌ ٻه ملڪ آهن، جن جي سڃاڻپ ختم ڪئي پئي وڃي پر سنڌ پنهنجو وجود ادب، صحافت، ٻوليءَ ۽ دانشوراڻي رستي پر امن جدوجهد وسيلي برقرار ۽ زنده رکيو آهي. ، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ۽ فقير محمد لاشاري جي ساٿي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته هن کي جيل ۾ رهندي جديد ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ترقي پسند عوامي اخبار ڪڍڻ جو خيال آهي، جنهن جي حمايت ۾ فقير محمد لاشاري اهم ڪردار ادا ڪري هڪ اخبار کي ڇڏي روزاني عوامي آواز ۾ عوامي ايڊيٽوريل لکي اخبار کي سنڌ جو آواز بڻايو. هن چيو ته فقير محمد لاشاري سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪري پنهنجي قلم، فڪر ۽ اصولن سان پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي، هن جو قلم عوام، تاريخ ۽ مستقبل جي وچ ۾ هڪ پل هئي، هو سنڌي ادب جو به نقاد هو، عوامي آواز کي فخر آهي ته هو اسان سان گڏ رهيو. ھو سنڌي ٻولي جو سفير ھو، فقير محمد لاشاري صحافت کي عبادت سمجھي ڪئي. ھن چيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ جي ماڻھن جو آواز بلند نه پئي ٿيو ۽ وڏي تحريڪ کي ملڪ جي اخبارن نه پئي ڇپيو تڏھن معياري اخبار آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ اسان عوامي آواز اخبار آندي ۽ فقير محمد لاشاري کي عوامي آواز سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، پاڻ دعوت قبول ڪئي سٿ ۾ شامل ٿيو . مدد علي سنڌي چيو ته پنھنجن تي مرثيو لکڻ ڏاڍو ڪٺن مسئلو آھي، فقير محمد لاشاري جو وڇوڙو منھنجي دل تسليم نٿي ڪري، ھن چيو ته اسان پنھنجي اصل ڪردارن کي وساري ڇڏيو آھي، ھن چيو ته اڳ سنڌي اخبارون سنڌ جي مسئلن تي نه لکنديون ھيون، 4 مارچ 1967 جي تاريخي واقعي کي ڪنھن به سنڌي اخبار وقت سر نه ڇپيو، چار ڏينھن بعد واقعي کي شايع ڪيو، فقير محمد لاشاري جوائنٽ ايڊيٽوريل وارو فارمولي سان ڄام صادق جي حڪمراني کي للڪاريو. ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ چيو ته فقير محمد لاشاري صحافت جو نرالو نالو ھو، فقير محمد جنھن وڏيري کي وڏيرو، چور کي چور ۽ لٽيري کي لٽيرو سڏيو، ھُو سڌو ماڻھو ھو جنھن جيل قبول ڪيو پر آڻ نه مڃي. يونس مھر چيو ته فقير محمد لاشاري مثالي ماڻھو ھو، جنھن سنڌي صحافت کي جان بخشي. مھيش ڪمار چيو ته فقير محمد لاشاري ميڊيا کي يڪجھا ڪيو، فقير محمد لاشاري ڄام صادق جهڙي ظالم حڪمران سان مھاڏو اٽڪايو، اڄ جيڪڏھن فقير محمد لاشاري زنده ھجي ھا ته مذھبي انتھاپسندي خلاف اول مورچي تي جدوجھد ڪري ھا، ھن چيو ته اسان ھندوئن کي قوم جي ڳڻپ ۾ ڇو نٿو آندو وڃي، اسان سنڌ جا رھندڙ سنڌي آھيون.صحبت ٻرڙي چيو ته فقير محمد لاشاري ايڊيٽوريل ۾ جان بخشي، ايڊيٽوريل وارو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو. وڪيل جي ايم قريشي، آغا سعيد، شمس جعفراڻي چيو ته فقير محمد لاشاري ٽنڊو بھاول جي واقعي تي مسلسل ايڊيٽوريل لکيا ۽ قاتلن کي للڪاريو. سارنگ لاشاري چيو ته بابا فقير محمد لاشاري ٽنڊو بھاول واقعي، راجيش ڪمار اغوا واقعي سميت ٻين اھم معاملن تي لکيو.