زراعت کاتي ۾ پنهنجا نوازي،تازو مقرر ٿيل جونيئر آفيسر کي 18هين گريڊ جي اضافي چارج!

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي زرعي توسيعي کاتي ۾ نئون ڪارنامو سامهون اچي ويو،زراعت کاتي جو اڳوڻي سيڪريٽري ويندي ويندي جونيئر آفيسر کي 18هين گريڊ جي چارج ڏئي ويو،هڪ خانگي  ٽي وي جي خبر موجب ڪجهه مهينا اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري منور جاگيراڻي سانگهڙ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو،زراعت کاتي ۾ نئين ڀرتي ڪيل آفيسر کي 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي  اضافي چارج ڏني وئي آهي،اضافي چارج هميشه ڀرواري ضلعي جي ڏني ويندي آهي پر سانگهڙ ۾ مقرر منور جاگيراڻي کي حيدرآباد لطيف آباد تعلقي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي۽ 70 کان وڌيڪ سينئر آفيسرن کي نظرانداز ڪيو ويو،ان عمل سبب سينئر آفيسرن ۾ مايوسي ڇانيل آهي،سينئر آفيسرن زراعت کاتي جي صوبائي وزير محمد بخش مهر کان مطالبو ڪيو آهي ته جونيئر آفيسر کي هٽائي سينئر آفيسر کي چارج ڏني وڃي،جڏهن ته  ان حوالي سان ميڊيا پاران  زراعت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ان سموري معاملي تي ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.