چانڊڪا اسپتال ۾ سيڪيورٽي سواليا، حملي ۾ زال مڙس قتل، حملي آور ۽ عورت زخمي

لاڙڪاڻو/بهرام(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو+ نعمت الله مغيري+ نصرالله پتوجو) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد سول اسپتال جي ھڏن واري وارڊ ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري بهرام  ڀرسان ڳوٺ لال ڏنو مغيري واسي محمد يوسف مغيري کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جنهن دوران وارڊ ۾ زخمي حالت ۾ داخل مقتول جي گهر واري ريحانا مغيري هٿياربندن مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ هٿياربند نجيب مغيري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کان پوءِ هٿياربندن فائرنگ ڪري عورت ريحانا کي به قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته فائرنگ سبب هڪ عورت مريض ساجدا شيخ سخت زخمي ٿي پئي، واقعي سبب مريضن توڙي سندن وارثن ۾ ڀاڄ پئجي وئي جيڪي رڙيون ڪندي وارڊ خوف سبب وارڊ مان ٻاهر نڪري آيا، اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي لاشن ۽ زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پلاٽ جي معاملي تان پيش آيو آهي جنهن ۾ مقتول محمد يوسف مغيري جي ڀاڻيجن فائرنگ ڪري پنهنجي مامي محمد يوسف ۽ مامي ريحانا مغيري کي قتل ۽ هڪ عورت کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته مقتولڻ ريحانا جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار نجيب مغيري زخمي ٿي پيو آهي. پوسٽ مارٽم بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش کڻائي بهرام ڀرسان ڳوٺ لال ڏنو مغيري کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.